ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي شعبان ۾ پاڪ فوج، ايف سي ۽ پوليس پاران گڏيل آپريشن جاري آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگردن خلاف اثرائتيون ڪارروايون جاري رکيون پيون اچن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته تازي ڪاررواين دوران وڌيڪ 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جن کي هوائي ۽ زميني ڪاررواين ذريعي نشانو بڻايو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، شعبان ۾ جاري آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جو گڏيل انگ 52 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 5 جولاءِ کان هيل تائين مختلف آپريشنن ۾ گڏيل طور88 خارجي مارجي چڪا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري رکيو ويندو.