ڪجهه به ٿئي، سپريم ليڊر ۽ ٻين شهيدن جو پلاند ضرور وٺبو: مجتبيٰ خامنه اِي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي چيو آهي ته شهيد سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي ۽ ٻين سڀني شهيدن جي رت جو بدلو ضرور ورتو ويندو.

ايراني ميڊيا موجب، پنهنجي لکت واري بيان ۾ سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي چيو ته ايران شهيد سپريم ليڊر جي واٽ تي ثابت قدم رهندو ۽ سندن شهادت سميت تازي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ سڀني ماڻهن جي رت جو بدلو ضرور وٺندو. هن چيو ته اهو بدلو اسان جي قوم جي خواهش آهي ۽ هر حال ۾ پورو ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته انهن ڏوهن جا ذميوار ماڻهو سڃاتا ويا آهن ۽ اهي پنهنجي قبرن تائين به سڪون واري موت جي اڻپوري خواهش پاڻ سان گڏ کڻي ويندا. اسين رهون يا نه رهون، پر اهو واعدو ضرور پورو ٿيندو ۽ تمام جلد سڄي دنيا جا آزاد انسان هن مقصد جي تڪميل لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

You might also like