آمريڪا جهاز کڻندڙ ٻه جنگي ٻيڙا ايران جي ويجهو ڪري ڇڏيا

علائقي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ وڌڻ سان گڏ آمريڪي بحريه ايران جي ويجهو پنهنجا ٻه هوائي جهاز کڻندڙ جنگي ٻيڙا، يو ايس ايس ابراهم لنڪن ۽ يو ايس ايس جارج ايڇ ڊبليو بش، مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

سامونڊي اچ وڃ تي نظر رکندڙ ادارن موجب، اهي ٻئي جنگي ٻيڙا گذريل ڏينهن نارِ عمان ۾ داخل ٿيا.

نيويارڪ پوسٽ جي رپورٽ موجب، هن قدم جو مقصد آبناءِ هرمز جي چوڌاري سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي تهران تي دٻاءُ وڌائڻ ٿي سگهي ٿو.

هي مقرري اهڙي وقت ڪئي وئي آهي، جڏهن آبناءِ هرمز ۾ واپاري جهازن تي حملن جا خدشا وڌي رهيا آهن. عالمي سطح تي تيل جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو رسائي هن اهم سامونڊي گذرگاهه ذريعي ٿيندي آهي.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ان وقت ٻيهر شدت اختيار ڪري وئي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ عارضي جنگبندي ختم ٿي چڪي آهي، جيتوڻيڪ ڳالهين جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو.

ان کانپوءِ آمريڪا ايران تي علائقي ۾ ٽن آئل ٽينڪرن تي حملن جو الزام لڳايو ۽ ايراني فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا.

جواب ۾ ايران ٻه ڏينهن اڳ نار واري ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو.

خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب، اربع ۽ خميس تي ايران جي ڇهن شهرن ۾ ٿيل آمريڪي حملن ۾ لڳ ڀڳ 17 ماڻهو مارجي ويا.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) وچ اوڀر ۾ آمريڪي بحريه جا ويهن کان وڌيڪ جنگي ٻيڙا مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

سينٽ ڪام موجب، بحري طاقت ۾ هن واڌ جو مقصد علائقي جي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ استحڪام برقرار رکڻ آهي.

سينٽ ڪام سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي بحريه جا ويهن کان وڌيڪ جنگي ٻيڙا وچ اوڀر جي مختلف سامونڊي علائقن ۾ گشت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سينٽ ڪام جون فوجون علائقي جي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ واري مشن تي عمل پيرا آهن.

جڏهن سينٽ ڪام کان پڇيو ويو ته ڇا هي مقرري ايران جي معيشت کي ماضي ۾ نقصان پهچائيندڙ سامونڊي ناڪابندي ٻيهر شروع ڪرڻ سان لاڳاپيل آهي؟ ته هن آپريشنل معاملن تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو. بهرحال، ٻئي جهاز کڻندڙ جنگي ٻيڙا ايران جي ميزائلن جي ممڪن مار جي حد اندر ڏٺا ويا، جنهن سبب انهن لاءِ خطرا وڌي ويا آهن.

فائونڊيشن فار ڊفينس آف ڊيموڪريسيز جي سينيئر فيلو ۽ رٽائرڊ ريئر ايڊمرل مارڪ مونٽگمري نيويارڪ پوسٽ سان ڳالهائيندي چيو ته فوجي دستن جي چرپر معمول جو حصو هوندي آهي، پر جڏهن جنگي ٻيڙن کي ناڪابندي يا آبناءِ هرمز مان گذرندڙ سامونڊي رستن جي تحفظ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي، تڏهن اهي عام طور تي ايراني سامونڊي علائقي جي وڌيڪ ويجهو اچي ويندا آهن.

آمريڪي بحريه جي موجودگي ۾ واڌ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته آمريڪا جو خاص ڌيان آبناءِ هرمز تي ڪنٽرول برقرار رکڻ تي آهي، جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن کي ضابطي ۾ رکي سگهجي. نومبر ۾ ٿيندڙ ڪانگريس جي چونڊن کان اڳ اهو معاملو صدر ٽرمپ لاءِ سياسي طور به وڏي اهميت رکي ٿو.

ٻئي پاسي قطر جو هڪ وفد تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ايران ۾ ڳالهيون مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو، جڏهن ته ايراني عملدار امڪاني طور تي آبناءِ هرمز بابت ڳالهين لاءِ اڄ عمان روانا ٿيندا.

You might also like