ڪوٽ غلام محمد(رپورٽ: شڪيل خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد ۾ ھڪ ڏينهن اڳ مبينا زيادتي بعد قتل ڪيل پريمي ڪولھي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جوابدار ڀوپي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.ڪوٽ غلام محمد لڳ واگھريچي اسٽاپ ڀرسان پيش آيل انتهائي افسوسناڪ واقعي ۾ گرفتار ڪيل ڍونگي ڀوپي رامون ڪولھي جاچ دوران پنهنجي ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ڀوپي کي ميڊيڪل لاء تعلقه اسپتال آندو ويو جتي ان ميڊيا سامهون پڻ پنهنجي ڏوھ جو اعتراف ڪيو. ياد رهي ته ھڪ ڏينهن اڳ واگھريچي اسٽاپ ڀرسان هڪ ئي خاندان جي چئن ڄڻن کي تعويذن وسيلي گهر ڇڏي ويل عورت کي واپس آڻڻ جو آسرو ڏئي مبينا طور زهريلو شربت پياري بيهوش ڪيو ويو هو,وارثن الزام هنيو هو ته بيهوش ٿيڻ کان پوءِ ٻن نينگرين سان زيادتي ڪئي وئي، جنهن دوران 14 ورهين جي پريمي ڌيءَ روجي ڪولھي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ڀاءُ، ٻي نينگري ڌني ڪولھي ۽ سندن مامو گورڌن ڪولھي جي حالت خراب ٿي وئي . جن کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي.