ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪار ۽ ڳائڻي دلجيت دوسانجھه جي تڪراري فلم ستلج، جيڪا ڀارت ۾ او ٽي ٽي پليٽفارم تان هٽائي وئي آهي، تنهن هوندي به واٽس ايپ تي تيزيءَ سان شيئر ڪئي پئي وڃي.
پنجابي ڳائڻي جسبر جسي ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هي فلم آمريڪا سميت مختلف ملڪن ۾ ڏٺي پئي وڃي ۽ ان کي واٽس ايپ ذريعي وڏي پيماني تي ڊائون لوڊ ڪري هڪ ٻئي سان شيئر ڪيو ويو آهي.
جسبر جسي موجب، فلم کي هٽائڻ کان پوءِ ماڻهن ان کي غير سرڪاري طريقن سان هڪ ٻئي تائين پهچايو، ايتري قدر جو هڪ ئي شخص کي واٽس ايپ تي هي فلم 10، 12، پر 15 ڀيرا به ملي آهي.
هن فلم تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي تي سوال اٿاريندي چيو ته، ”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته فلم تي پابندي ڇو لڳائي وئي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اهڙو ڪو به مواد موجود نه هو، جيڪو اهڙي قدم جو جواز بڻجي سگهي“.
جسبر جسي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري اداري يا پوليس کي لڳي ٿو ته فلم ۾ پوليس کي بي وس ڏيکاريو ويو آهي، ته اها بي وسي نه، پر نااهلي ۽ سنگين بدانتظامي جي عڪاسي آهي.
واضح رهي ته هدايتڪار هني ٽريهن جي هي فلم انساني حقن جي ڪارڪن جسونت سنگهه خالڙا جي زندگيءَ تي ٻڌل آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان تڪرارن جو شڪار رهي آهي.
هي فلم 2022ع ۾ سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيشن (CBFC) وٽ منظوري لاءِ پيش ڪئي وئي هئي، پر سرٽيفڪيشن جو عمل لڳ ڀڳ ٽن سالن تائين دير جو شڪار رهيو.
هدايتڪار هني ٽريهن اڳ ۾ دعويٰ ڪري چڪو آهي ته سي بي ايف سي فلم ۾ 127 ڪَٽ لڳائڻ جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته 2023ع ۾ ٽورانٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ فلم جي رٿيل نمائش به مبينا طور ڀارتي اختيارين جي اعتراضن سبب رد ڪئي وئي هئي.
ڪيترن ئي سالن جي دير کان پوءِ فلم 3 جولاءِ تي ستلج جي نالي سان رليز ڪئي وئي، پر رليز ٿيڻ کان ٿوري ئي دير پوءِ ان کي ڀارت ۾ او ٽي ٽي پليٽفارم تان هٽايو ويو.
فلم ۾ دلجيت دوسانجھه مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته ڪنيلجيت سنگهه، ارجن رام پال، سوويندر وڪي ۽ گيتيڪا وديا اوهيان پڻ اهم ڪردارن ۾ شامل آهن.