اسلام آباد/ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اسلام آباد ۾ سنڌ جي صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه جي طبيعت خراب ٿيڻ کان پوءِ کين علاج لاءِ گڏيل عرب امارات منتقل ڪيو ويو، جتي هو ابوظهبي جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن۔ذريعن موجب، سيد ناصر حسين شاهه جي طبيعت اسلام آباد ۾ خراب ٿي، جنهن کان پوءِ کيس ابوظهبي منتقل ڪيو ويو. کيس جگر جي علاج لاءِ مخصوص انجيڪشن لڳايو ويو، جنهن کان پوءِ سندن طبيعت ۾ بهتري آئي آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته هو خطري کان ٻاهر آهن ۽ ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ کان پوءِ وطن واپس موٽي ايندو۔ٻئي طرف، سيد ناصر حسين شاهه جي پٽ ڪميل حيدر شاهه ٻڌايو ته سندس والد مڪمل طور خيريت سان آهي. سندس چوڻ موجب، دبئي ۾ سيد ناصر حسين شاهه جو هڪ معمولي آپريشن ٿيو هو ۽ هاڻي سندس طبيعت مڪمل طور بهتر آهي۔ڪميل حيدر شاهه وڌيڪ چيو ته سيد ناصر حسين شاهه جي طبيعت وڌيڪ بهتر ٿيڻ کان پوءِ هو ڪجهه ڏينهن اندر ڪراچي واپس ايندا۔