دبئي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي (انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل) اڳوڻي ڪپتان بين اسٽوڪس جي رٽائرمينٽ واري وڊيو واري معاملي تي انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سِي بِي) سان رابطو ڪيو آهي.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ٽرينٽ برج ٽيسٽ دوران بين اسٽوڪس جي رٽائرمينٽ جو اعلان پليئر اينڊ ميچ آفيشلز ايريا جي ضابطن جي ڀڃڪڙي هو.
رپورٽ موجب، بين اسٽوڪس ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن صبح جو ڊريسنگ روم ۾ پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، جنهن جي وڊيو ۽ آڊيو اي سي بي جي ميڊيا ٽيم رڪارڊ ڪئي ۽ اِها ميچ جاري رهڻ دوران ئي نشر ڪئي وئي.
واضح رهي ته آءِ سي سي ضابطن موجب، جاري عالمي ميچ دوران ڊريسنگ روم مان ڪنهن به قسم جي آڊيو يا وڊيو رڪارڊ ڪرڻ ۽ نشر ڪرڻ جي سخت پابندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو اينٽي ڪرپشن فريم ورڪ جو حصو آهي.
آءِ سي سي ان حوالي سان اي سي بي کي خط لکي وضاحت طلب ڪئي آهي ته راند دوران اهڙو مواد ڇو نشر ڪيو ويو، جڏهن ته ضابطن موجب ڪنهن به ميچ جي پڄاڻي کان اڳ ڊريسنگ روم جي فوٽيج نشر نه ٿي ڪري سگهجي.
ٻئي پاسي ان معاملي تي انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان بين اسٽوڪس ٽوئيٽر جو سهارو وٺندي طنزيه انداز ۾ ” Sack him.“ لکي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪيو.
ياد رهي ته بين اسٽوڪس جي رٽائرمينٽ کانپوءِ هاڻي انگلينڊ کي ايندڙ مهيني پاڪستان خلاف شيڊيول ٽيسٽ سيريز لاءِ نئين ڪپتان جي ڳولا آهي.
نائب ڪپتان هيري بروڪ ان ذميواري کي اعزاز قرار ڏنو آهي، پر اي سي بي اڃا تائين ڪنهن نالي جو باظابطا اعلان نه ڪيو آهي، انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز 19 آگسٽ کان هيڊنگلي ۾ شروع ٿيندي.