تهران (ويب ڊيسڪ)تازن آمريڪي حملن ۾ اتر ايران ۾ ريلوي پُل کي نقصان پهتو آهي جنهن جون تصديقي وڊيوز ۽ تصويرون به سامهون اچي ويون آهن.
ايراني ميڊيا طرفان جاري ڪيل وڊيوز ۽ تصويرن مان اتر ايران جي شهر آق قلعه ۾ موجود هڪ ريلوي پُل کي پهتل نقصان جي تصديق ٿي وئي آهي.
رات جو رڪارڊ ڪيل ٻن وڊيوز ۾ صوبي گلستان جي آغ تڪه خان ريلوي پل جي متاثر ٿيڻ جا منظر نظر اچي رهيا آهن.
واضح رهي ته هي پل ڪئسپين سمنڊ جي اوڀر ۾ اٽڪل 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي.
خميس جي صبح ايراني ميڊيا طرفان شايع ڪيل تصويرن ۾ پل تي هڪ وڏو ڏار ۽ کڏو ڏسي سگهجي ٿو، حملي ۾ ريلوي ٽريڪ کي به نقصان پهتو آهي، جڏهن ته چوڌاري ملبو پکڙيل نظر اچي رهيو آهي.
پاسداران انقلاب موجب، پل کي هڪ آمريڪي ڪروز ميزائل ذريعي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته حملي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
You might also like