زيورخ (ويب ڊيسڪ) فٽبال جي عالمي تنظم” فيفا“ مصر ۽ ارجنٽينا ميچ دوران پيدا ٿيل تڪرار تي پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي.
فيفا جي چيف ريفري آفيسر پيئرلوئيجي ڪولينا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ريفريز تي ڪنهن جو به اثر ناهي، ايتري قدر جو فيفا صدر جياني انفانٽينو به ريفريز جي فيصلن تي اثر انداز نه ٿو ٿئي سگهي.
فيفا طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته مصر ۽ ارجنٽينا ميچ ۾ مروان عطيه جو لئسانڊرو مارٽينيز جي پير تي پير رکڻ واضح فائو هو، تنهنڪري وي اي آر جو فيصلو درست هو.
فيفا موجب، محمد صلاح ۽ جوليان الواريز جي وچ ۾ رابطو عام فٽبال ڪانٽيڪٽ هو، جنهن کي فائول قرار نٿو ڏئي سگهجي.
فيفا اهو به چيو ته گول کان اڳ ٿيندڙ فائول جو وي اي آر ڪنهن به مرحلي تي جائزو وٺي سگهي ٿو، ان لاءِ وقت يا فاصلي جي ڪا به حد مقرر ناهي.
فيفا مصر-ارجنٽينا ميچ ۾ وي اي آر جي فيصلن جو دفاع ڪندي ريفريز جي ديانتداري تي واريل اعتراض رد ڪري ڇڏيا.
ڪولينا چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ ريفريز تي اثر انداز ٿيڻ جا سمورا الزام رد ڪري ٿي ۽ ميچ آفيسر مڪمل خودمختياري سان فيصلا ڪن ٿا.
پيئرلوئيجي ڪولينا ريفريز جي سالميت تي اٿاريل بي بنياد الزامن کي قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اهڙيون دعوائون عملدارن ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.