ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ پي سي بي جو وڏو قدم، 4 ٽيمن جي ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ايندڙ مهيني 4 ٽيمن جي ون ڊي ٽورنامينٽ ڪرائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
پي سي بي موجب، فرسٽ ڪلاس سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ آگسٽ ۾ چئن ٽيمن جي ٽورنامينٽ کيڏي ويندي.
ان ڏس ۾ ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس سينٽر عاقب جاويد ٻڌايو ته ورلڊ ڪپ 2027 ۾ اٽڪل ڏيڍ سال بچيو آهي ۽ تياريون شروع ڪرڻ جو اهو ئي وقت آهي، تنهنڪري ورلڊ ڪپ کان اڳ رانديگرن جو هڪ پول تيار ڪرڻ لاءِ هي ٽورنامينٽ ڪرائي رهيا آهيون.
عاقب جاويد چيو ته سليڪٽرز ۽ ڪوچز گڏجي4 ٽيمن جي ٽورنامينٽ ڊزائن ڪئي آهي، جنهن ۾ وائٽ بال جا سڀ رانديگر حصو وٺندا.
سندس چوڻ هو ته سليڪٽرز ۽ ڪوچز هر رانديگر جي ڪردار موجب پلينگ اليون ٺاهيندا، جنهن سان اسان کي اهو پتو پوندو ته ڪهڙي پول کي کڻي اڳتي هلڻو آهي.
هن چيو ته ميچز ٽيلي ڪاسٽ ٿينديون، جنهن سان سڀني جي ڪارڪردگي سامهون هوندي ۽ پول ٺاهڻ ۾ سولائي ٿيندي.
عاقب جاويد وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٽيم جي ون ڊي رينڪنگ ٽاپ فور ۾ هئڻ گهرجي، ان کان هيٺ رينڪنگ هجي ته اها قبولڻ جوڳي ناهي، هاڻي رينڪنگ ۾ وڏي ٽپو لڳندو.

You might also like