سوکڙي وٺڻ جو الزام، پارليامينٽ ميمبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لنڊن(عوامي آواز نيوز)برطانوي سياستدان نائجل فراج تحفن بابت لڳايل الزامن کانپوءِ پارليامينٽ جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.برطانوي ميڊيا موجب، هڪ ارب پتي شخص نائجل فراج کي 50 لک پائونڊ تحفي طور ڏنا هئا، جن کي هن پنهنجي مالي گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو.نائجل فراج ساڄي ڌر جي ريفارم پارٽي جو سربراهه آهي. هن پارليامينٽ جي رڪنيت  تان استعيفيٰ ڏيڻ سان گڏ ٻيهر چونڊ وڙهڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، ۽ هو پنهنجي ئي تڪ تان ٻيهر اميدوار ٿيندو.سندس خلاف پارليامينٽ جي اسٽينڊرڊز ڪميٽي جاچ ڪري رهي آهي. نائجل فراج اميگريشن جي مخالفت ڪندڙ ۽ برطانيا جي يورپي يونين مان نڪرڻ (بريگزيٽ) جو حامي سمجهيو وڃي ٿو.

 

You might also like