ايران کان جوهري مواد بابت ڪجهه رعايتون مليون آهن: ٽرمپ جي دعويٰ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هو جلد جوهري معاهدو ڪري.

اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا کي ايران کان جوهري مواد بابت ڪجهه رعايتون مليون آهن ۽ افزودگي ٿيل جوهري مواد حاصل ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته ايران يا ته معاهدو ڪري، نه ته آمريڪا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجو مقصد حاصل ڪندو، ۽ اهو آمريڪا لاءِ ڏکيو ڪم نه هوندو.

ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا هڪ ڪلاڪ اندر ايران جون پُلون ۽ توانائي واريون عمارتون تباهه ڪري سگهي ٿو ۽ ايران کي به ان ڳالهه جي خبر آهي. هن اهو به چيو ته هو ايران ۾ حڪومت جي تبديلي نٿو چاهي، جيتوڻيڪ سندس خيال موجب اڳوڻي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻوڪي حڪومت وڌيڪ بهتر آهي.

You might also like