ڌمڪيون جاري رهيون ته حتمي ڳالهيون نه ٿينديون، پنهنجي صحيح جي لڄ رکو: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جيڪڏهن ڌمڪين جو سلسلو جاري رهيو ته حتمي معاهدي بابت ڳالهيون شروع نه ٿينديون.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته” لکين ايرانين شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جنازي ۾ شرڪت ڪري ايڪي جو مظاهرو ڪيو.“
هن چيو ته نه ايراني عوام ۽ نه ئي ايران جون بهادر هٿياربند فوجون ڪنهن به ڌمڪي کان متاثر ٿينديون.
عباس عراقچي چيو ته مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) جي شق نمبر 13 بلڪل واضح آهي ته ڌمڪين جي تسلسل دوران حتمي معاهدي تي ڳالهيون شروع نه ٿينديون.
هن لاڳاپيل ڌر کي مخاطب ڪندي چيو ته پنهنجي صحيح جو احترام ڪيو وڃي ۽ معاهدي جي شرطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like