آزاد ڪشمير مسئلي تي عوامي جرڳو ڪوٺائينداسين: حافظ نعيم

اسلام آباد(بيورو+پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ايندڙ ٽن ڏينهن اندر  آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال جي پرامن حل لاءِ مثبت اڳڀرائي نه ڪئي ته جماعت اسلامي عوامي جرڳو جوڙي ڪشميري عوام ۽ انهن جي نمائندن سان سڌيون ڳالهيون شروع ڪندي.هن چيو ته جماعت اسلامي ڪشمير جي خاطر رت وهايو آهي، تنهنڪري هاڻي خاموش نه ويهنداسين. ڪشمير جي مقصد تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه هوندو. رياست کي ماءُ وارو ڪردار ادا ڪندي ناراض ماڻهن کي ڀاڪر پائڻ گهرجي. بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، پاڪستان پنهنجي اندر وڌيڪ دشمنيون برداشت نٿو ڪري سگهي.هن انهن خيالن جو اظهار اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ آزاد ڪشمير جي صورتحال تي منعقد ٿيل قومي مشاورتي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ اڳوڻو صدر آزاد ڪشمير سردار مسعود، اڳوڻو چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آزاد ڪشمير جسٽس منظور گيلاني، امير جماعت اسلامي آزاد ڪشمير ڊاڪٽر مشتاق، اڳوڻا امير آزاد ڪشمير ڊاڪٽر خالد ۽ عبدالرشيد ترابي، صدر سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن راجه آفتاب احمد، نائب امير جماعت اسلامي پاڪستان ميان محمد اسلم، امير جماعت اسلامي اسلام آباد انجنيئر نصرالله رندهاوا، سيڪريٽري جنرل جماعت اسلامي اسلام آباد زبير صفدر، صحافي سليم صافي، صدر پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس افضل بٽ، ۽ ٻيا شريڪ هئا. حافظ نعيم الرحمان واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ آزاد ڪشمير اسيمبلي جي ٻارهن سيٽن بابت مظاهرين جا ڪجهه اعتراض وڏي حد تائين جائز آهن، پر اهو هرگز قبول نٿو ڪري سگهجي ته آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير ۽ مهاجرن جي نمائندگي ئي ختم ڪئي وڃي. هن چيو ته بيوروڪريسي پاڻ کي حڪمران سمجهڻ بند ڪري. ملڪ ۾ جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جو ڳٺ جوڙ قائم آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان ۾ ڪرپشن پڻ جاري آهي، انهن سڀني مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو.

 

You might also like