ٽورانٽو (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌي اسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي ڪنوينشن ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته ٻاهران رهندڙ پاڪستاني بشمول سنڌي، سنڌ ۽ ملڪ جي ترقي، تعليم، سٺي حڪمراني، بين المذهب ۽ بين الثقافتي هم آهنگي، زراعت جي بحالي، قدرتي وسيلن تي سنڌ جي آئيني ۽ قانوني حق جي حفاظت ۽ ڪرپشن جي خاتمي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا،هن چيو ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي صلاحيتن، تجربن ۽ وسيلن ذريعي سنڌ جي تعليمي ادارن، لائبريرين، اسڪالرشپ پروگرامن، تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ نوجوانن جي تربيت ۾ مؤثر سهڪار ڪن. هن چيو ته سنڌ کي شفاف، جوابده ۽ عوام دوست طرزِ حڪمراني جي ضرورت آهي. ميرٽ، قانون جي حڪمراني، ادارن جي مضبوطي ۽ بدعنواني جي خاتمي کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته سنڌ جي معيشت جي ريڙھ جي هڏي زراعت آهي، پر ناقص پاليسين، پاڻي جي کوٽ، بدعنواني ۽ وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورهاڱي ڪارين کي سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. جديد زرعي تحقيق، پاڻي جي بهتر انتظام، ڪار دوست پاليسين ۽ ٻاهران رهندڙ ماهرن جي سهڪار سان زرعي شعبي کي وري مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. سنڌ جي پاڻي، زمين، معدنيات، تيل، گئس، ڪوئلي، سامونڊي وسيلن ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي سڀ کان پھريون حق سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جو آهي،