پريا ڪماري، اجالا سولنگي ۽ ٻين مغوي ٻارن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ 12 هين ڏينهن به ڌرڻو

ٻٻرلوءِ (رپورٽ: سعيد احمد جتوئي)پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جو 11 ڏينھن به ڌرڻو جاري، 15 معصوم ٻارڙن جا وارث لاورث ويٺل آهن، حڪومت نوٽيس نه ورتو. اغوا ٿيل معصوم نويد لاشاري جي امڙ غم  سبب بيھوش، ڌرڻي ۾ سوشل ورڪر، اديبن، شاعرن،صحافين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ عام عوام ڀرپور شرڪت ڪئي،ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ سھڻي پارس ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 11ڏينھن کان گم ٿيل معصوم ٻارن جا وارث ننڌڻڪا ويٺا آهن حڪمران ڌر جا اڳواڻ ايترا بي حس ٿي ويا آهن جون ھن مھل تائين نوٽيس به نٿا وٺن، گم ٿيل معصوم ٻارڙن جي وارثن کان وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي ايئن نه ٿي جو سنڌ جو آبنائي ھرمز ٻٻرلوءِ باءِ پاس کي مڪمل بلاڪ ڪري ڇڏين، پوءِ ڪنھن به ڌر سان ڪا ڳالھ ٻولھ نه ٿيندي جيستائين معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرائي ڌرڻي واري ھنڌ نه پھچايو ويندو.ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف سماجي تنظيمن، سياسي ۽ قومپرست ڪارڪنن ۽ ٻين اڳواڻن ڌرڻي ۾ ڳالھائيندي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ۽ آرمي چيف کان مطالبو ڪندي چيو ته نياڻي پريا ڪماري سميت سنڌ مان  اغوا ٿيل فضيلا سرڪي ،پريا ڪماري ،اُجالا سولنگي ،زينب سولنگي، صبا ڪلھوڙو سميت اغوا ٿيلن جي گهرن ۾ اڄ به خاموش ماتم متل آهي مائرن جي سيني ۾ روز جي ڪربلا آهي ، سنڌ جي هر ماڻهو جي زبان تي هڪ ئي سوال ۽ سنڌ حڪومت کان هڪ ئي مطالبو آهي ته آخر انهن نياڻين کي زمين کائي وئي يا آسمان طرف اُڏامي ويون ؟،آخر هي بيچيني ڪڏهن ختم ٿيندي ته نياڻيون زنده به آهن يا نه ؟، سکر، ٺل ،ميھڙ، پنوعاقل ۽ تنگواڻي جون پنج نياڻيون اڄ به اغوا ڪارن وٽ قيد آھن، سرڪار پاران بار بار دلاسا ڪوڙيون دعوائون رھيون آھن ته اسان  اغوا ڪارن جي ويجھو  پھتا آھيون پر پوءِ به  وڏو عرصو گذرڻ باوجود فضيلا سرڪي، پريا ڪماري، زينب سولنگي، اجالا پروين سولنگي. صبا ڪلھوڙو کي اغوا ڪارن کان بازياب ناهي ڪرائي سگهي ، اڳواڻن چيو ته   پريا ڪماري سميت  اغوا ٿيل معصوم نياڻين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ۽ نياڻين جي والدين سميت سڄي سنڌ مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ،

 

You might also like