رضا ڊار ڪيس ۾ ڊجيٽل ميڊيا جو اهم ڪردار، جوابدار کي عمر قيد جي سزا پڪي؟

لاهور(مبشر لقمان) پرڏيهي عورتن واري ڪيس ۾ هر روز ان ۾ ڪو نه ڪو نئون رخ سامهون اچي رهيو آهي. پهريون ڀيرو اسان ڏسي رهيا آهيون ته پاڪستان جي مک ٽي وي  چئنلن ۽ اخبارن جا سمورا ڪرائم رپورٽرز بلڪل فارغ ٿي ويٺا آهن. انهن جو هاڻي هڪ ئي ڪم رهجي ويو آهي ته هو ڊي آءِ  جي آپريشنز سان جهيڙا ڪن ڇاڪاڻ ته هو ظاهري طور تي ميڊيا فرينڊلي  ناهي. کيس اها خبر ناهي ته ميڊيا کي ڪيئن ڊيل ڪجي، پر ڊجيٽل ميڊيا جي رپورٽرن ۽ اينڪرن حقيقت ۾ هن ڪيس ۾ وڏي  اڳڀرائي  ڏيکاري آهي. مثال طور پاڪستان ڊجيٽل لاءِ ڪم ڪندڙ نوجوان ياسر شامي، ان حادثي جي هڪ وڊيو ڪڍي ورتي هي ڊجيٽل ميڊيا جو ئي ڪمال  آهي جو جوابدار سڃاتا به ويا ۽ پڪڙيا به ويا.صحافي عمران شفقت جي بقول علي ڊار کي ان ڪري بچايو پيو وڃي ته مريم نواز وزيراعظم بنجڻ جي اميدوار آهي، جڏهن ته حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير بنجڻ چاهي ٿو، جيڪو مريم نواز کي بلڪل قابل قبول ناهي. پر علي ڊار ته اهو گهوڙو آهي جيڪو ريس ۾ اچڻ کان اڳ ئي لنگڙو ٿي ويو؛ چاهي هو ان جو ذميوار هجي يا نه هجي، هن وقت سندس نالي سان جيڪو داغ لڳي چڪو آهي انهن کان جيڪا غلطي ٿي، اها اها هئي ته ڊار فيملي، وزيراعظم  هائوس ۽ پنجاب حڪومت جو موقف اچڻ ۾ وڏي دير ٿي وئي. هاڻي مون کي خبر پئي آهي ته شايد علي ڊار يا سندس فيملي جيو ٽيليويزن کي پنهنجو موقف ڏنو آهي. پر ان جون پنهنجون نشريات اڄڪلهه بند آهن.  هاڻي پوليس جا ذريعا چئي رهيا آهن ته ’باس‘ علي ڊار ناهي، ٻئي پاسي  مئجسٽريٽ آڏو 164 جو بيان اچڻ کان پوءِ مدعي جو هجڻ يا نه هجڻ اهم ناهي هوندو. معاملو تمام گهڻو پبلڪ ٿي چڪو آهي، ان ڪري بچڻ مشڪل آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته  رضا ڊار  جو ڇا ٿيندو؟ جڏهن ته  ايف آئي آر ۾ رضا ڊار جو نالو  جنسي زيادتي واري معاملي ۾ شامل ناهي، پر اغوا ۽ ڀُنگ ۾ هو ملوث آهي ۽ اهو هڪ اوپن اينڊ شٽ ڪيس   آهي. فون جو فارنزڪ ۽ بئنڪ ٽرانزيڪشن جو تمام مواد اچي چڪو آهي. ان ڪري ٽن جوابدارن کي ڦاهي ٿي سگهي ٿي۽ رضا ڊار کي  ان کي ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ عمر قيد ضرور ٿيندي، هو بچي نٿو سگهي. هن ڪيس کان پوءِ کيس نه ڪا نوڪري ملندي، نه بئنڪ لون ڏيندا ۽ نه هو ڪو ڪاروبار ڪري سگهندو، سندس ڪرپٽو جو ڪاروبار ته ٺپ ٿي ويو.هن ڪيس ۾ نواز ليگ جي حڪومت کي هڪدم وڏو ڌچڪو لڳو آهي. ڇا ان جي ڪري اسحاق ڊار فارغ ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته عورتن جا ويزا پرڏيهي وزارت  مان ڪنهن فسيليٽيشن ذريعي لڳا هئا، ته پوءِ اسحاق ڊار جو اتي رهڻ ممڪن نه هوندو.

مريم نواز،اسحاق ڊار ۽ علي ڊار ريڊار تي اچي ويا؟

لاهور(سجاد انور)رضا ڊار ڪيس کي وڏي پيماني تي  دٻائڻ  جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پوليس ۽  ميڊيا پڻ ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ۽ ٽيون وڏيون شخصيتون به چئي رهيون آهن ته  هي هڪڙي نوجوان جو ذاتي معاملو آهي، ان ۾ اسحاق ڊار تي ذميواري ڪيئن ٿي رکي سگهجي؟ ايستائين جو  ڪجهه ماڻهو رضا ڊار کي ٻين پنجن جوابدارن کان به الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته هن  عورتن سان زيادتي  ناهي ڪئي، هن جا ته الٽو پئسا ٻڏي ويا هئا. هاڻي هي ڪهاڻي ٻن طريقن سان وڪرو ڪئي پئي وڃي: جيڪڏهن هو واقعي ويچارو آهي ۽ هن سان زيادتي ٿي آهي، ته پوءِ اسحاق ڊار پنهنجي ڏوهٽي سان گڏ کلي عام ڇو نٿو بيهي؟ جيڪڏهن رضا ڊار جا پئسا قانوني هئا، ته هو عورتن کي ايئرپورٽ تان پروٽوڪول ڏيڻ بدران سڌو ايف آئي اي  جي آفيس وٺي وڃي ها. ايف آئي اي کي چوي ها ته اهي ٻئي پرڏيهي عورتون انٽرنيشنل فراڊ ۾ ملوث آهن، منهنجا 5 لک ڊالر کائي ويون آهن، ماڻهو ته اهو به چون ٿا ته اصل ’باس‘ علي ڊار (مامو) ئي هو، جيڪو وزير اعليٰ جو معاون پڻ آهي، ۽ پئسا به هن جا  ئي هئا پاڪستان جي ايجنسين کي سڀ خبر آهي ته هي هڪ غيرقانوني اغوا جو ڪيس هو جنهن ۾ بدمعاشي ذريعي پئسا واپس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته پوليس سڄي ڪيس ۾ ريپ ۽ اغوا جي جاچ ته ڪري رهي آهي، پر ان 5 لک ڊالرن جي رقم جو ذڪر ڪنهن به ايف آئي آر ۾ ڇو ناهي؟ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن رقم جو ذڪر آيو ته مني ٽريل ڏيڻو پوندي.اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته اسٽيبلشمينٽ اسحاق ڊار کان تمام گهڻو ناراض آهي. جڏهن آرمي چيف جنرل عاصم منير عالمي سطح تي  پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ڪري رهيو آهي، تڏهن توهان ملڪ ۾ ايڏو وڏو واقعو ڪرائي بين الاقوامي بدنامي ڪرائي ڇڏي. اسٽيبلشمينٽ اسحاق ڊار جي معاشي معاملن  مان اڳ ئي خوش ناهي، ۽ کيس نواز شريف جو خاص مشير سمجهي ٿي. هاڻي مريم نواز پڻ نشاني تي اچي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس گڊ گورننس جي دعوائن جي باوجود راولپنڊي رنگ روڊ معاملي تي پوري انتظاميا کي فارغ ڪيو ويو، جيڪو پڻ پنڊي وارن (اسٽيبلشمينٽ) جي پريشر تي ٿيو آهي.

پرڏيهي عورتن جي اغوا جو ڪيس داخل

لاهور(بيورو+م ڊ)لاهور ۾ پرڏيهي عورتن سان مبينا جنسي زيادتي ۽ اغوا واري ڪيس ۾ عورتن بابت پوليس هيلپ لائن 15 تي فون ڪندڙ شهري به هڪ الڳ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.پوليس موجب مبينا اغوا ڪندڙن جي گاڏي جي ٽڪر سبب متاثر ٿيل گاڏي جي مالڪ ڪيس داخل ڪرايو، جيڪو گاڏي جي ڊرائيور عثمان جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب فريادي عثمان بيان ڏنو آهي ته هو هڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽي مان ڀٽا چوڪ ڏانهن وڃي رهيو هو، جڏهن ايئرپورٽ روڊ تي هڪ گاڏي سندس گاڏي کي ٽڪر هنئي، جنهن سبب سندس گاڏي کي لڳ ڀڳ 3 لک رپين  جو نقصان پهتو، جڏهن ته ٻي گاڏي وارو واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو.ايف آءِ آر موجب فريادي عثمان جي 15 تي فون ڪرڻ کانپوءِ ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي. حادثي کان پوءِ پرڏيهي عورتون ڪار مان لهي ويجهو موجود هڪ دڪان ۾ وڃي پناهه ورتي.

دبئي ۾ رهندڙ رضا ڊار 2019ع ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جو ڪم شروع ڪيو

اسلام آباد(جاويد چوڌري)اسحاق ڊار جي ڏوٽي رضا  ڊار  جي ڪهاڻي هاڻي پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ پکڙجي چڪي آهي،ان ڪهاڻي جي اندر ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن، جيڪي عام ماڻهو کي به سمجهڻ گهرجن. خاص ڪري انهن سڀني ماڻهن لاءِ جيڪي امير ، طاقتور ، بااثر ۽ مشهور آهن، انهن لاءِ ان ۾ هڪ وڏو پيغام آهي ته توهان پنهنجي ٻارن تي نظر ڪيئن رکڻي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو توهان جي پوزيشن جو ڪو ناجائز فائدو کڻي وٺي ۽ آخرڪار اهو توهان جي بي عزتي جو سبب بڻجي وڃي، جنهن طرح ڊار خاندان لاءِ سندن هڪ ڏهٽو ايڏيون مشڪلاتون پيدا ڪندڙ بڻجي چڪو آهي جو هاڻي کين پاڻ سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان سڀ کي ڪيئن منهن ڏجي. ڪيس ۾ جيڪو ”باس“ وحيد آهي، جنهن هي سڀ ڪجهه ڪيو آهي، ان کي 11 لک رپيا ادا ڪيا ويا هئا؛ رضا ڊار جو پورو خاندان دبئي ۾ رهي ٿو،آهي، پوليس جو خيال آهي ته رضا ڊار جو والد ڪانٽريڪٽر آهي۽ دبئي ۾ ڪم ڪندوآهي. اسحاق ڊار جي فيملي به دبئي ۾ رهي ٿي، رضا ڊار پاڪستان ۾ نه هوندو هو، صرف دبئي ۾ هوندو هو ۽ رڳو ان واردات لاءِ پاڪستان آيو هو. رضا ڊار 2019 ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جو ڪم شروع ڪيو هو ڪجهه وقت اڳ هڪ وڏو اسڪينڊل به بڻيو هو، خبرون هيون ته ڊار خاندان جو هڪ تمام وڏو پئسو ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ٻڏي ويو، رضا ڊار کي 2025 ۾ سنگاپور جي اندر ڪرپٽو ڪرنسي جي هڪ تقريب ۾ دعوت ڏئي گهرايو ويو، اتي ان جي ملاقات ٻن عورتن سان ٿي. انهن ٻنهي عورتن کيس هڪ آفر ڪئي ته جيڪڏهن توهان اسان جي ذريعي سيڙپڪاري ڪندؤ، ته اسان توهان کي روزانو هڪ سيڪڙو نفعو ڏينداسين. 30 ڏينهن کان پوءِ اهو نفعو 30 سيڪڙو ٿي ويندو، جنهن مان 10 سيڪڙو اسان پنهنجي فيس رکنداسين ۽شروع ۾ هن 60 کان 70 هزار ڊالر انويسٽ ڪيا، پهرين مهيني کان کيس ادائيگي اچڻ شروع ٿي وئي اعتماد ٿيو ته هن قريبن 5 لک ڊالرن تائين سيڙائي ڇڏيا، پوءِ اوچتو ڪرپٽو ڪريش ٿيڻ شروع ٿي وئي. جڏهن مارڪيٽ هيٺ وئي ته عورتن پئسا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا، ان کان پوءِ رضا انهن کي ڳولڻ شروع ڪيو ته اهي غائب ٿي ويون،رضا ڊار ٻين ارب پتين جي سيڙپڪاري جو ڏٽو ڏئي انهن پرڏيهي عورتن کي پاڪستان گهرايو هڪ ٻي دلچسپ اها آهي ته  اهي عورتون هينئر تائين مختلف جڳهين تان، دبئي ۽ قطر مان ماڻهن جا 9.9 ملين ڊالر کائي چڪيون آهن. 26جون تي اهي عورتون اسلام آباد پهچي ويون. ان کان پوءِ اهي لاهور آيا ۽ کين ڊفينس  ۾ هڪ گهر ۾ وٺي ويا، ته اوچتو چار هٿياربند بندا اچي ويا، ڌمڪين ۽ لڄالٽ بعد  وينزويلا واسي  هڪ عورت  جيڪا اسپين ۾ رهندي هئي چيو ته مان پنهنجي پيءُ سان ڳالهايان ٿي. هن پنهنجي پيءُ سان هڪ ڪوڊ ورڊ ۾ ڳالهايو،سندس والد جي درخواست تي اسلام آباد ۾  اسپين جي سفارتخاني 15 تي ڪال ڪري شڪايت رڪارڊ ڪرائي. بعد ۾  هالينڊ جو سفارتخانو به سرگرم ٿي ويو.معاملو هائي لائيٽ ٿيو ته مريم نواز جي نوٽيس ۾ به آيو ته ٻه پرڏيهي عورتون اغوا آهن، پر تيسين ڪنهن کي خبر نه هئي ته رضا اسحاق ڊار جو ڏوهٽو ملوث آهي. علي ڊار سان رابطو ڪيو ويو،  علي ڊار رضا سان رابطو ڪري چيو ته "پويان پوليس اٿئي، هتان ڀڄي نڪر”.ان کان پوءِ رضا اوچتو ٻنهي عورتن کي گاڏي ۾ ويهاريو ۽ چيو ته پئسا ملي ويا آهن، مان توهان کي ايئرپورٽ ڊراپ ڪرڻ وارو آهيان. عورتن موبائل تي لوڪيشن لڳائي ته کين محسوس ٿيو ته ايئرپورٽ نٿو وٺي وڃي. جهيڙي دوران رضا جي گاڏي هڪ ٻي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي ۽ حادثو ٿيو. عورتون فورن هيٺ لٿيون ۽ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيائون. پوليس پهتي ته  عورتن ساڻن وڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، کين ڊپ هو ته پوليس مقابلي ۾ ماريندا يا ٻيهر رضا حوالي ڪندا. ان دوران رضا گاڏي ڀڄائي نڪري ويو هو.بعد ۾ اي ايس پي پهچي کين خاطري ڪرائي،متاثر عورتن جي بيان لاءِ ايس ايڇ او مئجسٽريٽ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو فون نه پيو کڻي، آخرڪار ايس ايڇ او مئجسٽريٽ جي گهر هليو ويو مئجسٽريٽ ساڻن وڙهي پيو ته "بيان ته بعد جي ڳالهه آهي، پهرين ٻڌايو ته جج جي گهر اندر ڪيئن آيا؟” اتي ٻنهي ۾ تلخ تلامي ٿي پئي ۽ جج 164 جو بيان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي  پوليس وارا عورتن کي  سروسز اسپتال وٺي ويا جتي ميڊيڪل ڪرايو ويو ۽ زيادتي ثابت ٿي وئي، ٻئي ڏينهن جڏهن ٽي ايس ايس پي  ٻيهر عدالت وٽ ويا ته ججن هڙتال ڪري ڇڏي ته  جيستائين  ايس ايڇ او گرفتار نه ٿيندو، اسان 164 جو بيان نه وٺنداسين،ٽنهي ايس ايس پيز ججن کان معافي گهري پر اهي راضي نه ٿيا. جڏهن ايس ايڇ او خلاف ايف آءِ آر ٿي، کيس گرفتار ۽ معطل ڪيو ويو، تنهن کان پوءِ وڃي 164 جو بيان رڪارڊ ٿيو.ٻئي پاسي جڏهن جوابدار ميان وحيد گرفتاري کان مٿان کان ٽپو ڏيڻ ڪري سندس ڄنگهون ٽٽي پيون آهن). باقي ٽيئي جوابدار رضا جو ڪزن سڪندر،موسيٰ حسن ۽ رضا پاڻ گرفتار ٿيوسڀني جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. ان کان پوءِ عورتون مطمئن ٿيون ته ساڻن سٺو سلوڪ ڪيو ويو، هنن پوليس جي تمام گهڻي تعريف ڪئي، پوءِ کين ترڪش ايئرلائن ذريعي روانو ڪيو ويو

رضا ڊار ڪيس سي سي ڊي حوالي ڇو نه ٿيو؟ڊي آءِ جي لاهور حڪمران خاندان جي تابعداري ۾ لڳل

لاهور( عمران شفقت)لاهور ۾ پرڏيهي عورتن جي اغوا،ڀنگ وٺڻ ۽ زيادتي جي ڪيس ۾ لاهور جو  ڊي آءِ جي فيصل ڪامران حڪمران خاندان کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ هن صحافين کي  بيوقوف  چيو. قصو ايئن شروع ٿيو ته  ڊي آئي جي فيصل ڪامران ڊائيس تي بيهي باس بنجي کين ليڪچر ڏيڻ لڳو. صحافين چيو ته ”سر، توهان اسان کي گهرايو آهي ته ويهي ڳالهايو، توهان ته ليڪچر ڏيڻ لڳا آهيو، اسان توهان جا ذاتي ملازم ناهيون“ ان تي فيصل ڪامران صاحب ڪاوڙجي پريس ڪانفرنس ڇڏي پنهنجي گاڏي ڏانهن وڃڻ لڳو.بعد ۾ فون ڪال اچڻ تي واپس اچي ويو، هن ڪيس ۾ اسحاق ڊار  جو آفيس جو استعمال ٿيو آهي. اهي پرڏيهي عورتون ڪنهن جي چوڻ تي آيون هيون؟ رضا ڊار جي چوڻ تي آيون هيون. جيڪڏهن ڪرپٽو ڪرنسي جا پئسا ٻڏل هئا ته اهي  پئسا ڪڍائڻ جو حڪم ڊار فيملي ئي ڏنو هو، تنهن ڪري ڊار خاندان ريڊار تي آهي ٻئي پاسي فيصل ڪامران مريم نواز جي چوڻ تي کين بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ صحافين فيصل ڪامران کي  چيو ته هو علي ڊار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ته فيصل ڪامران چيو ته اهي غلط بياني ڪري رهيا آهن. هڪ آفيسر ٻڌايو ته سي سي ڊي جو جيڪڏهن نوٽيفڪيشن پڙهو ته اهو ڀُنگ لاءِ اغوا ۽ گينگ ريپ جهڙن ڏوهن لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. هاڻي جڏهن رضا ڊار تي پرڏيهي عورتن جي اغوا، تاوان ۽ زيادتي جو ڪيس داخل ٿيو آهي، ته اهو ڪيس سي سي ڊي  حوالي ڇو ناهي ڪيو ويو؟ مريم نواز  پاڻ ته سي سي ڊي جو ڪريڊٽ کڻندي آهي، پر رضا ڊار جو ڪيس  اتي ڇو نه ويو؟ جڏهن ته فيصل ڪامران اڳ ۾ نواز شريف جو چيف سيڪيورٽي آفيسر  رهي چڪو آهي، پي ٽي آءِ دور ۾  محسن بيگ کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو هو، ته هن تي تشدد ڪيو هو. ان تي محسن بيگ انڪوائري ڪرائي ته فيصل ڪامران ۽ ٻيا آفيسر ملوث نڪتا، کيس سزا به تجويز ٿي پر وزيراعظم شايد کيس معاف ڪري ڇڏيو. اڃا تائين هو گريڊ 19 جو ملازم آهي ۽ گريڊ 20 جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.فيصل ڪامران سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ڊي وي آرز غائب ڪرائي چڪو هو. پر ايجنسين جي مداخلت کانپوءِ رضا ڊار گرفتار ٿي ويو،فيصل ڪامران ۽ حڪمران خاندان جي پوري ڪوشش ۽ شاهديون مٽائڻ جي باوجود انصاف ان ڪري ٿيو ڇاڪاڻ ته معاملو بين الاقوامي سطح تي اجاگر ٿي ويو هو، اسپينش ۽ هالينڊ جي سفارتخانن جو دٻاءُ هو،ان عالمي دٻاءُ ۽ پڪن ثبوتن جي ڪري حڪومت چاهيندي به ڪيس کي دٻائي نه سگهي ۽ نتيجتاً مکيه جوابدار رضا ڊار، سندس ڪزن سڪندر، بدمعاش ميان وحيد ۽ زيادتي ڪندڙ سمورا جوابدار گرفتار ٿي ويا.

لاهور زيادتي ڪيس:ٽن جوابدارن جو ڊي اين اي ميچ ٿي ويو

لاهور(بيورو+م ڊ) لاهور جي علائقي ڊيفينس ۾ پرڏيهي عورتن جي اغوا ۽ اجتماعي جنسي زيادتي واري ڪيس ۾ هڪ پرڏيهي عورت سان مبينا جنسي زيادتي ڪندڙ ٽن جوابدارن جو ڊي اين اي ميچ ٿي ويو آهي.جاچ ذريعن موجب ڊي اين اي ميچ ٿيڻ وارن جوابدارن ۾ نواز جو نالو  سڀ کان مٿي آهي. ذريعن موجب جوابدار نواز سڀ کان پهرين پرڏيهي عورت سان مبينا جنسي زيادتي ڪئي.ذريعن موجب ٻين ٻن جوابدارن ۾ ساجد ۽ سڪندر شامل آهن، جڏهن ته الزام آهي ته نواز جي اُڪسائڻ تي ٻين جوابدارن به مبينا طور عورت سان جنسي زيادتي ڪئي.جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس اٺن جوابدارن جا ڊي اين اي نمونا فرانزڪ ليبارٽري ڏانهن ڪراس ميچ لاءِ موڪليا هئا، جڏهن ته باقي جوابدارن جي ڊي اين اي نمونن جو وڌيڪ تجزيو جاري آهي.

زيادتي ڪيس ۾ رضا ڊار کي بچائڻ جون ڪوششون

لاهور(عوامي آواز نيوز)لاهور ۾ پرڏيهي عورتن سان مبينا اجتماعي جنسي زيادتي واري ڪيس بابت مختلف دعوائن ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي حوالي سان نيون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن.رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي ڪجهه وڊيوز ۾ اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته رضا ڊار،  اسحاق ڊار جو ڏوهٽو نه، پر سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ريحانه ڊار جو پوٽو آهي. اهي وڊيوز نامعلوم ماڻهن طرفان صحافين جي واٽس ايپ گروپن ۾ پڻ شيئر ڪيون پيون وڃن.رپورٽ ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪجهه مشهور صحافي ۽ سوشل ميڊيا شخصيتون به ڪيس جو رخ موڙڻ لاءِ مختلف ماڻهن جا نالا ان سان ڳنڍي رهيون آهن.رپورٽ موجب ڪجهه مرد ۽ عورت سوشل ميڊيا اثرانداز ڪندڙ اهڙا دستاويز به شيئر ڪري رهيا آهن، جيڪي مبينا طور ڪيس جي جاچ جو حصو آهن ۽ پوليس جي اعليٰ جاچ آفيسرن وٽ موجود آهن، جن ۾ جوابدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا دستاويز شامل آهن.سينيئر ڪرائيم رپورٽر ميان عابد چيو ته حڪمران جماعت سان ويجها سمجهيا ويندڙ ڪجهه صحافين ۽ سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن تائين ڪيس جا دستاويز ۽ جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڪيئن پهچي رهيا آهن، اهو سڀني جي ڄاڻ ۾ آهي.هن دعويٰ ڪئي ته رضا ڊار بابت ڪيس کي مالي ڏيتي ليتي جي تڪرار جو رنگ ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب سندس خلاف اغوا واري قلم 365-اي ختم ٿي سگهي ٿي ۽ جاچ کانپوءِ سندس خلاف رڳو عورتن کي غيرقانوني طور قيد ۾ رکڻ بابت ڪيس باقي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن خلاف مبينا زنا بالجبر، اجتماعي جنسي زيادتي ۽ ٻين سنگين ڏوهن جون ڪارروايون جاري رهنديون.قانوندان ۽ جوڊيشل ايڪٽوازم پينل جي سربراهه اظهر صديق چيو ته هي فوجداري ڪيس آهي، تنهنڪري رياست جي ذميواري آهي ته ان کي منطقي انجام تائين پهچائي

ٻن پرڏيهي عورتن سان زيادتي ڪيس ۾ پاڪستان بدنام ٿيو:اسد قيصر

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته ٻن پرڏيهي عورتن سان پيش آيل مبينا جنسي زيادتي جو واقعو انتهائي سنگين نوعيت جو آهي، جنهن پاڪستان جي عالمي ساک کي سخت نقصان پهچايو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته هو ٻن پرڏيهي عورتن سان پيش آيل مبينا جنسي زيادتي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.اسد قيصر چيو ته هي انتهائي سنگين معاملو آهي، جنهن پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني، انصاف جي نظام ۽ رياستي ادارن جي ڪارڪردگي بابت سنجيده  وال اٿاري ڇڏيا آهن.هن چيو ته هن ڪيس ۾ مئجسٽريٽ تي دٻاءُ وجهڻ ۽ حقيقتون لڪائڻ بابت سامهون آيل اطلاع انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن.سندس چوڻ هو ته انهن الزامن جي فوري، شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ٿيڻ گهرجي، جيئن جيڪڏهن ڪنهن انصاف جي عمل ۾ مداخلت ڪئي آهي ته ان کي قانون موجب جوابده بڻائي سگهجي.

You might also like