امجد حسين ايڊووڪيٽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير طور عهدي جو حلف کڻي ورتو

گلگت (ويب ڊيسڪ) امجد حسين ايڊووڪيٽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير طور عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي.
گورنر گلگت بلتستان سيد مهدي شاهه، امجد حسين ايڊووڪيٽ کان وڏي وزير جي عهدي جو حلف ورتو.
حلف برداري جي تقريب ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي وزير امير مقام پڻ موجود هئا.
تقريب کي خطاب ڪندي نئين چونڊيل وڏي وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ چيو ته 7 جون 2026 تي پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي بڻجي اڀري.
هن چيو ته عوام پيپلز پارٽي کي ڳرو مينڊيٽ ڏئي وڏي ذميواري ڏني آهي.
هن انهن سمورن ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو جن پارٽي تي اعتماد ڪيو ۽ خاص طور تي مسلم ليگ (ن) جي قيادت جا ٿورا مڃيا جن پيپلز پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان وٽ قدرتي ماحول جو جيڪو تحفو آهي اهو دنيا ۾ ٻئي ڪنهن وٽ نه آهي.
هن چيو ته اسان کي هتي دنيا لاءِ زميني ۽ هوائي سفر جون سهولتون ڏيڻيون پونديون، اسان سڀني شعبن ۾ سڌارا آڻينداسين، گلگت بلتستان کي پاڪستان جو ماڊل صوبو بڻائينداسين ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

You might also like