لاهور (ويب ڊيسڪ) داڪارا، هدايتڪار ۽ سماجي ڪارڪن امينه خان جي رڳو چار ڏينهن جي تياري سان سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪرڻ واري دعويٰ کانپوءِ هوءَ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ۽ ٽرولنگ جو شڪار بڻجي وئي آهي.
امينه خان، ماضيءَ ۾ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ کانپوءِ اشتهارن جي هدايتڪاري ڏانهن وئي ۽ تازو هڪ ڊرامي ذريعي ٻيهر اداڪاري ڪندي نظر آئي، هن هڪ خانگي ٽي وي پروگرام دوران پنهنجي زندگي بابت دلچسپ انڪشاف ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ته نوجواني دوران هن سي ايس ايس جو امتحان ڏنو هو، پر ان وقت هوءَ مختلف ڊرامن جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي، جنهن سبب کيس تياري لاءِ رڳو چار ڏينهن مليا.
امينه خان موجب، هن اٺ پرچا ڏنا ۽ امتحان ڪاميابي سان پاس ڪيو، پر پوءِ سرڪاري نوڪري نه ڪئي.
سندس ان دعويٰ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن مختلف تبصرا ڪندي ان تي شڪ ظاهر ڪيو.
هڪ واهپيدار مٿس ٺٺول ڪندي لکيو ته ” شايد هن سي ايس ايس جو امتحان به ڪنهن ڊرامي ۾ ڏنو هوندو“، جڏهن ته هڪ ٻئي واهپيدار چيو ته” سي ايس ايس ۾ اٺ نه پر ٻارنهن پرچا هوندا آهن.“