لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته بيٽنگ دوران سندس سوچ هميشه ٽيم جي گهرج موجب هوندي آهي، جيڪڏهن ٽيم کي ضرورت پئي ته هو تيز کيڏندو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي هڪ پروگرام دوران ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته پاڪستان جي ڪپتاني ڪرڻ هميشه سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه رهي آهي.
هن چيو ته ماضي جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ هن ڀيري بهتر رٿابندي ۽ هاڪاري سوچ سان ٽيم جي اڳواڻي ڪندو.
بابر اعظم چيو ته وقت سان گڏ ڪپتاني ۾ پختگي ۽ واضح سوچ پيدا ٿيندي آهي.
هن چيو ته ڪپتان طور پنهنجي فيصلن جو جائزو وٺندو رهيو آهي ۽ انهن مان سکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪوشش هوندي آهي ته نوجوان رانديگرن کي ڏکين حالتن ۾ مڪمل سهڪار ڏنو وڃي، ڇو ته بين الاقوامي ڪرڪيٽ دٻاءُ واري راند آهي.
قومي ڪپتان موجب، هو نوجوان رانديگرن سان ڳالهائي انهن جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، سندس سڄو ڌيان ظابطن، فٽنيس ۽ ڪارڪردگي تي کتل آهي، جن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
بابر اعظم چيو ته نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي (اين سي اي) جو ريڊ بال ڪيمپ ٽيم لاءِ انتهائي اهم رهيو، جتي ڏکين حالتن ۾ ٽريننگ، ميچ جي دٻاءُ ۽ مختلف حالتن کي منهن ڏيڻ بابت تياري ڪرائي وئي.
هن چيو ته ويسٽ انڊيز جو دورو ڏکيو هوندو، پر ٽيم ان لاءِ مڪمل تياري ڪئي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي رانديگرن کي ڪائونٽي ڪرڪيٽ جو تجربو آهي، جيڪو انگلينڊ جي دوري دوران لاڀائتو ثابت ٿيندو.
بابر اعظم چيو ته هو بيٽنگ دوران حالتن موجب انداز اختيار ڪندو آهي. جيڪڏهن ٽيم کي تيز راند جي ضرورت هجي ته تيز بيٽنگ ڪندو آهي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي دفاعي انداز به اختيار ڪندو آهي.
هن چيو ته هاڪاري تنقيد کي هميشه ٻڌندو آهيان۽ فائديمند ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
سندس چوڻ هو ته نتيجا هڪ هفتي يا هڪ مهيني ۾ ناهن ايندا، ان لاءِ مسلسل محنت ۽ بهتر روٽين ضروري هوندي آهي.
بابر اعظم وڌيڪ چيو ته شوقينن جون اميدون هميشه وڏيون هونديون آهن، اسان انهن کي سمجهون ٿا ۽ انهن جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.
You might also like