ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ خواجا سرا برادري پوليس جي مبينا زيادتين، لٺبازي ۽ ڪوڙين ايف آءِ آرز خلاف احتجاج ڪندي واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
خواجا سرا برادري جي اڳواڻ ۽ وڪيل نِشا رائو پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته 30 جون جي رات کين اطلاع مليو ته پوليس ڪجهه خواجا سرائن کي رڪشي سميت کڻي وئي ۽ انهن خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو.
نِشا رائو چيو ته جڏهن هوءَ ٿاڻي پهتي ته ايس ايڇ او کان غيرجانبدار جاچ ۽ شڪايت ڪندڙ ڌر کي طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، پر پوليس ڪو به قدم نه کنيو.
سندس چوڻ هو ته ان کانپوءِ خواجا سرا برادري پرامن احتجاج شروع ڪيو، جيڪو سوشل ميڊيا تي سڌو نشر پڻ ڪيو ويو، پر ان باوجود پوليس احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي ڪئي.
هن چيو ته احتجاج دوران نه ڪنهن سرڪاري يا خانگي ملڪيت کي نقصان پهچايو ويو ۽ نه ئي تشدد ڪيو ويو، پر ان جي باوجود خواجا سرائن سان مبينا طور ناروا سلوڪ ڪيو ويو.
نِشا رائو الزام لڳايو ته پوليس هڪ ٻئي ڌر جي حمايت ڪري رهي آهي، جڏهن ته اصل تڪرار هڪ سول معاملو هو، جنهن کي پوليس مبينا طور فوجداري ڪيس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
هن وڌيڪ چيو ته خواجا سرا برادري به پاڪستاني شهري آهي ۽ رياستي ادارن جو احترام ڪري ٿي، تنهن ڪري برادري سان امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي.
نِشا رائو آءِ جي سنڌ ۽ وڏي وزير سنڌ کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
هن اهو پڻ اعلان ڪيو ته 6 جولاءِ تي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جڏهن ته 7 جولاءِ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.
”اسان سان امتيازي سلوڪ بند ڪيو وڃي“ ڪوڙن ڪيسن خلاف خواجا سرا برادري جو احتجاجي تحريڪ جو اعلان
You might also like