لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي ڊفينس واري علائقي ۾ پرڏيهي عورتن جي اغوا ۽ اجتماعي لڄالٽ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
جاچ ذريعن موجب، هڪ پرڏيهي عورت سان لڄالٽ ۾ ملوث ٽن جوابدارن جا ڊي اين اي نمونا فارنزڪ جاچ دوران ميچ ٿي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جن جوابدارن جا ڊي اين اي ميچ ٿيا آهن، انهن ۾ جوابدار نواز جو نالو سڀ کان مٿي آهي.
ذريعن موجب، مٿس الزام آهي ته هن سڀ کان پهرين متاثر عورت سان زيادتي ڪئي، جنهن کان پوءِ سندس چوڻ تي ٻين جوابدارن به ان ڏوهه ۾ حصو ورتو.
جاچ ذريعن موجب، پوليس اٺن جوابدارن جا ڊي اين اي نمونا ڪراس ميچ لاءِ فارنزڪ ليبارٽري موڪليا هئا، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي ڊي اين اي نمونن جو تجزيو اڃا جاري آهي.
هوڏانهن، اغوا ڪندڙن جي گاڏي سان ٽڪرائجندڙ گاڏي جي مالڪ به پوليس وٽ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.
داخل ايف آءِ آر موجب، گاڏي جو ڊرائيور عثمان هڪ خانگي سوسائٽي کان ڀٽه چوڪ وڃي رهيو هو ته ايئرپورٽ روڊ تي هڪ تيز رفتار گاڏي سندس گاڏي کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب گاڏي کي اٽڪل ٽي لک رپين جو نقصان پهتو، جڏهن ته ٽڪر هڻندڙ گاڏي جو ڊرائيور فرار ٿي ويو.
ايف آءِ آر موجب، ڊرائيور عثمان ون فائيو تي اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، حادثي کان پوءِ ٻئي پرڏيهي عورتون گاڏي مان لهي ويجهو موجود هڪ دڪان ۾ پناهه ورتي.
ٻئي پاسي، ٻن پرڏيهي عورتن جي اغوا ۽ زيادتي واري ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڊفينس سي فرياد علي، جڊيشل مئجسٽريٽ کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي.
سيشن ڪورٽ لاهور ايس ايڇ او فرياد علي کي 10 جولاءِ تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
عدالت پوليس کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو آهي ۽ ايس ايڇ او کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.
واضح رهي ته ايس ايڇ او فرياد علي خلاف جڊيشل مئجسٽريٽ جي گهر وڃي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام هيٺ ٿاڻي مصطفى آباد ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي.
You might also like