حيدرآباد/ٽورانٽو(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪئناڊا جي شهر ٽورانٽو ۾ سانا جي 42 ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي سنڌ کي اڏوئي جيان کائي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي.بار بار اقتدار ۾ ايندڙ پيپلزپارٽي وٽ سنڌ جي خوشحالي جو ڪو به پروگرام ناھي. پيپلزپارٽي اقتدار جي نشي ۾ مست ڪرپت حڪمران ياد ڪن ته اقتدار ڪجهھ سالن لاءِ ھوندو آھي، اھو اچڻو ۽ وڃڻو آھي پر وطن، درياھ، ۽ ڌرتي سدائين لاءِ ھوندا آھن.اياز لطيف پليجي چيو ته ھزارين سال پراڻي تھذيب رکندڙ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي، سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آھي. امن، محبت، رواداري اسان جي تھذيب جو حصو آھن. ملڪ کي ٽڪراءَ ۽ انتشار واريون پاليسيون تباھي کانسواءِ ڪجهھ به نٿيون ڏئي سگھن. سنڌ دشمن سازش جوڙيندڙ ٻڌي ڇڏين ته سنڌ ھڪ آھي، ھڪ رھندي. سنڌ آھي ته پاڪستان آھي. نواز ليگ ۽ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. ملڪ کي وڌيڪ بحران ۾ وجھڻ کان باز اچو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ وٽ پرامن جدوجھد جي ڊگھي تاريخ آھي. جنرل ايوب جي خلاف ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، نيلام بند ڪيو تحريڪ، سنڌي ۾ لسٽيون ڇپرايو تحريڪ، آمر جنرل ضياء جي سنڌ دشمن پاليسين خلاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ، آمر جنرل پرويز مشرف خلاف تحريڪ، ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن خلاف مسلسل جدوجهد ۽ ٻٽي نظام خلاف جدوجهد ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن. ھاڻ به لکين ماڻھن سان رستن تي اچي 28 هين آئيني ترميم سميت سنڌ دشمن فيصلا ناڪام بڻائينداسين.اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي، نواز ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌ دشمن قوتون سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاھين ٿيون. پاڻ کي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آھي.هن چيو ته سنڌي ماڻھن هميشه پنھنجي ڌرتي جو تحفظ ڪيو آھي. سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء جي ڌرتي آھي۔ شاھوڪار تھذيب جي ڌرتي ۽ ان جي درياھ، زمينن، تاريخي ماڳن سميت وسيلن جي مالڪي اسان سڀني جي ذميواري آھي،هن چيو ته قدرتي وسيلن سان مالامال سنڌ ڌرتي جا وارث بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. سنڌي ماڻهن کي پنھنجي درياھ، وسيلن، ثقافت ۽ تھذيب جي بقا لاءِ بيدار ٿيڻ جي ضرورت آھي،هن چيو ته سنڌ جي خطرن جو مقابلو علم، تعليم، ڄاڻ،ٽيڪنالاجي ۽ سائنس سان ٿيندو. سنڌي ماڻهن بدلجندڙ دنيا سان گڏ پاڻ کي تبديل نه ڪيوسين، پاڻ علم ۽ ٽيڪنالاجي جو رستو نه ورتو ته ھي دنيا ڏاڍي ظالم اٿو۔ تبديلي چاھي پاڻ کي آسمان جي بلندين تي کڻي وڃي تبديلي چاھي ته زمين تي ڌوڙ ڪري پيرن ۾ چٿي ڇڏي. سنڌيو پاڻ کي تبديل ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو ته اسان کي چئلينجن سان مقابلي لاءِ پاڻ کي تبديل ڪيو اڳتي وڌڻ لاءِ، پاڻ کي تبديل ڪيو طاقت بنجڻ لاءِ عورتن ۽ مردن جي برابري کپي، پنهنجي سماج ۾ اڌ ساڍا ٽي ڪروڙ عورتون ھيٺ ھونديون ته ڪجهھ ڪونه ٿيندو۔ سنڌ ۾ سنڌي ھندو غير محفوظ ھونديون، پنهنجي وطن ۾ ھندو، ڪرسچن، سک ۽ فارسي غير محفوظ ھوندا ته پاڻ ترقي ڪون ڪري سگھنداسين، سنڌي قوم رواداري ۽ برابري ۾ يقين رکي ٿي. سنڌي پرامن ۽ باوقار تھذيب جا وارث آھيون.