حيدرآباد ۾ ايڇ آءِ وي سبب 293 ٻار متاثر، سهولتن جي کوٽ، جدوجهد جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) پورھيت مزاحمت تحريڪ جي ترجمان صحت بابت  ڇرڪائيندڙ  انڪشاف ڪيا آھن جنھن کان پوءِ عوامي حلقن ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي آھي ترجمان موجب حيدرآباد ڊويزن ۾ صحت جي صورتحال تيزي سان سنگين رخ اختيار ڪري رهي آهي. هڪ تازي رپورٽ موجب گذريل هڪ سال دوران 186 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق ٿي آهي. رپورٽ موجب پهرين جون  2025 کان 20 جون 2026 تائين انهن ڪيسن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هن وقت حيدرآباد ڊويزن ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻارن جو ڪل انگ 293 تائين پهچي چڪو آهي، جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي، ماهرن موجب ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي منتقلي جو وڏو سبب غير محفوظ طبي طريقا آهن، جن ۾ آلودھ سرنجن جو استعمال، غير معياري انفڪشن ڪنٽرول ۽ رت جي اسڪريننگ ۾ خاميون شامل آهن. هي صورتحال واضح ڪري ٿي ته صحت جي شعبي ۾ نگراني، حفاظتي قدمن ۽ مجموعي نظام ۾ وڏيون کوٽون موجود آهن. ترجمان سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آھي ته  حيدرآباد شهر پيپلزپارٽي جي ويهن سالن جي نااهل حڪمراني جو شڪار بڻيل آهي، جتي بنيادي سهولتن سميت صحت جو نظام مڪمل طور زبون حالي جو شڪار آهي. شهر جي مرڪزي سول اسپتال جو حال اهو آهي ته عام ماڻهو علاج لاءِ اتي پهچي وڌيڪ بيمار ٿي واپس موٽڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. ترجمان جو چوڻ آھي ته ايمرجنسي شعبي جي حالت انتهائي خراب آهي، جتي ايڪسيڊنٽ جهڙين هنگامي حالتن ۾ ايندڙ مريضن کي فوري علاج بدران ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوي ٿو. ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ ايڪسري ۽ اسڪين جهڙين بنيادي مشينن جي گهٽتائي سبب ڪيترائي مريض پنهنجي حياتي وڃائڻ جي خطري تائين پهچي وڃن ٿا. ترجمان جو موقف آھي ته گذريل ڏهن سالن کان حيدرآباد کي 15 هزار بيڊن واري وڏي اسپتال جي ضرورت آهي، پر افسوس جو ان اهم منصوبي تي اڃا تائين ڪو به سنجيده ڪم ٿيندي نظر نٿو اچي. ان ڪري سمورو بار سول اسپتال حيدرآباد تي وڌي ويو آهي، جنهن سبب نه صرف شهري پر ٻهراڙيءَ مان ايندڙ مريض پڻ سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪيترائي ماڻهو علاج جي ڳولا ۾ شهر تائين پهچڻ دوران ٽريفڪ ۽ دير سبب به پنهنجون حياتيون وڃائي ويهن ٿا، ترجمان واضح ڪيو آھي ته جيڪڏهن فوري طور تي صحت جي شعبي ۾ سڌارا نه آندا ويا، ته ايندڙ وقت ۾ حيدرآباد ۾ صحت جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت فوري طور تي صحت جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي، محفوظ طبي طريقن کي يقيني بڻائي، جديد سهولتون فراهم ڪري ۽ وڏي اسپتال جي تعمير سميت بنيادي ڍانچي کي مضبوط بڻائي، جيئن وڌيڪ معصوم جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجن.ترجمان وڌيڪ چيو ته  پورهيت مزاحمت تحريڪ شروع ڏينهن کان حيدرآباد جي بنيادي مسئلن تي جدوجهد ڪندي رهي آهي. اسان عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته گڏجي سنڌ جي عام ماڻهن جي بنيادي حقن لاءِ آواز اٿاريون، حڪمران طبقو عوام جي بنيادي حقن لاءِ رکيل وسيلا ڪرپشن ذريعي پنهنجي ذاتي مفادن، جاگيرن ۽ محلن جي تعمير تي خرچ ڪري رهيو آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي.

وليڪا اسپتال معاملو، سعيد غني پاران ذميوارن خلاف ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ سعيد غني چيو آهي ته سيسي جي انتظام هيٺ هلندڙ وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس انتهائي سنگين معاملو آهن ۽ ذميوارن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو، سعيد غني موجب هيل تائين 78 ٻارن جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، جيڪو معمولي معاملو ناهي. هن چيو ته  ضرور ڪنهن نه ڪنهن سطح تي غفلت ٿي آهي ۽ جنهن به آفيسر، ڊاڪٽر يا پيرا ميڊيڪل عملي جي لاپرواهي ثابت ٿي، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، متاثر ٻارن جي وارثن کي يقين ڏياريو وڃي ٿو ته سنڌ حڪومت ۽ محنت کاتو انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندا، پر ٻارن جي علاج ۽ هر ممڪن سهڪار کي يقيني بڻايو ويندو، صوبائي وزير ٻڌايو ته سيپٽمبر 2025 ۾ محنت کاتي جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ 28 آڪٽوبر تي معاملو سامهون آيو، جنهن تي فوري اجلاس گهرائي جاچ ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا، سندس چوڻ هو ته 29 آڪٽوبر 2025 تي جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جي سفارشن تي ڪجهه آفيسرن کي معطل ڪيو ويو، جڏهن ته بعد ۾ سنڌ جي محتسب اعليٰ جي هدايت تي ٻي جاچ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي، سعيد غني چيو ته سندس خيال ۾ اهي سڀئي ڪيس 28 ۽ 29 آڪٽوبر 2025 کان اڳ جا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻارن جا والدين جاچ ڪميٽي آڏو پيش نه ٿيا، تنهن ڪري انهن بابت حتمي راءِ نٿي ڏئي سگهجي، هن چيو ته حڪومت معاملي جي پاڙ تائين پهچندي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like