ڪنڌڪوٽ ڀرسان زبون حال پل سبب حادثو،ڊاٽسن واهه ۾ ڪري پئي،2 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو) رسالدار واري علائقي ۾ سنڌ- بلوچستان کي ملائيندڙ شاهي واهه ڪينال مٿان ٺهيل زبون حال پل جو هڪ پاسو ڪري پوڻ سبب ڊاٽسن شاهي ڪينال واهه ۾ ڪري پئي،ڊاٽسن ۾ سوار 7 ڄڻا پاڻي ۾ ٻڏي ويا ڊرائيور برڪت گولو سميت 5 ڄڻا پاڻمرادو بچي نڪري آيا 2 ڄڻن جا لاش نه مليا،ٻڏي ويلن ۾ 10 ورهين جو عبدالغفار ولد غلام نبي گولو ۽ 18 ورهين جو مجيب ولد محمد صلاح گولو شامل آهن،ٻڏي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش 18 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود نه ملي سگهيا،مقامي ڳوٺاڻا شاهي واهه ڪينال ۾ پنهنجي ٻنهي پيارن جا لاش ڳوليندا رهيا پر نه مليا،واقعو صبح جو 7 وڳي ٿيو سرڪاري ٽوٻا 3 وڳي پهتا 8 ڪلاڪ دير سان ٽوٻا  پهچڻ تي علائقي واسي سخت غم و غصي ۾ وٺجي ويا،سنڌ-بلوچستان کي ملائيندڙ واحد پل جيڪا شاهي واه ڪينال مٿان ٺهيل آهي اها 2015 ۾ ٺهي،11 سالن اندر ڪروڙين روپين سان ٺهيل پل زبون حال هنڌان هنڌان ٽٽل آهي جنهن سبب سانحي جنم ورتو،علائقي واسي پل جي زبون حالي ۽ ناقص طريقي سان ٺهيل پل بابت بار بار ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي آگاه ڪندا رهيا پر ڪنهن به تڪ نه ڏنو, ٻڏي ويل ٻنهي ڄڻن جي وارثن چيو ته پل جي زبون حالي تي اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪياسين ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي آگاه ڪيوسين ڪنهن به اسان جي نه ٻُڌي ۽ ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي سبب وڏو سانحو پيش آيو هن واقعي جو ڪيس ٺيڪيدار ضلعي انتظاميا ۽ ايم پي اي ۽ ايم اين اي مٿان داخل ڪيو وڃي،مقامي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت شاهي ڪينال واه لاشن کي ڳوليندا رهيا پر لاش نه مليا.وارث ۽ ڳوٺاڻا وڏي تعداد هجوم جي صورت ۾ شاهي واه ڪينال جي ڪپرن تي ويهي رهيا ۽ انتظار ڪندا رهيا ته لاش پاڻ تري نڪري پوندا پر اکين جي ديد شاهي واه ڪينال ۾ ڄميل رهي پر لاش نه نڪتا. ڪنڌڪوٽ:شاهي واه ڪينال ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويل ٻئين ڄڻا 10 ورهين جو عبدالغفار ولد غلام نبي گولو ۽ 18 ورهين جو مجيب ولد محمد صلاح گولو پاڻ ۾ سئوٽ هئا ۽ ڊاٽسن هلائيندڙ ڊرائيور برڪت گولو جا پڻ سئوٽ هئا

سنڌ-بلوچستان کي ڳنڍيندڙ پل 300 ميٽرن تي مشتمل

ڪنڌڪوٽ:شاهي واهه ڪينال مٿان سنڌ- بلوچستان کي ملائيندڙ پُل 300 ميٽرن تي مشتمل آهي جيڪا آهستي آهستي زبون هال بڻجندي ڊهندي پئي وڃي ۽  اها واحد پُل آهي جتان بلوچستان مان ماڻهو پل ڪراس ڪري سنڌ طرف ايندا آهن ۽ سنڌ جا ماڻهو هي پل ڪراس ڪري بلوچستان جي علائقي سوئي – جعفرآباد طرف ويندا آهن.

بدنصيب ڊاٽسن ڳوٺاڻا کڻي ڪنڌڪوٽ ڏانهن وڃي رهي هئي

ڪنڌڪوٽ:بدنصيب ڊاٽسن صبح جو 7  وڳي ڳوٺ پيارو خان گولو مان روانو ٿي ڊاٽسن ڊرائيور برڪت گولو ڳوٺاڻن کي کڻي شهر  ڪنڌڪوٽ طرف اچي رهيو هو ته شاهي واهه ڪينال مٿان ٺهيل زبون ۽ تباه ٿيل پُل مٿان چڙهي ته پُل ڊاٽسن جو وزن برداشت نه ڪري سگهي ۽ پل جو هڪ پاسو ڊهي پوڻ بعد ڊاٽسن شاهي واه ۾ ڪري پئي ۽ سانحي جنم ورتو.

ڪرپشن سبب سانحو ٿيو آهي:فوتين جا وارث

ڪنڌڪوٽ:ٻڏي ويل 10 ورهين جو عبدالغفار گولو جي ڀاءُ شاه بخش گولو ۽ 18 ورهين جي مجيب گولو جي چاچي حفيظ الله  گولو جو چوڻ هو ته شاهي واهه ڪينال ڀر سان پل ڪيترن ئي سالن کان زبون بڻيل هئي ڪيترائي ڀيرا ضلعي جي چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا اڳيان رڙيون ڪوڪون ڪيوسين ته پل ٺهرائي ڏيو پر ڪنهن تڪ نه ڏني ۽ وڏو سانحو ٿيو آهي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن.هنن جو چوڻ هو ته افسوس جي ڳاله اها آهي ته پُل کي ٺهي 11 سال مس ٿيا ۽ پل زبون بڻجي ڊهندي رهي پئي،هنن چيو ته  تعمير ٿيل پلون 100 – 100 سال تائين هلنديون آهن پر ٺيڪيدار جي ناقص ڪم ۽ ڪرپشن سبب پُل 11 سالن اندر زبون ٿي ڊهي پوندي رهي پئي جنهن سبب اسان جا ٻه پيارا اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا.هنن جو چوڻ هو ته ايڏو وڏو واقعو ٿيڻ بعد اسان وٽ نه ضلعي انتظاميا لڙي آئي ۽ نه ئي تڪ جا چونڊيل نمائندا آيا اسان وٽ صرف ميڊيا وارا پهتا آهن متاثر خاندان جي ماڻهن جو چوڻ هو ته هن واقعي جو ڪيس ٺيڪيدار ضلعي انتظاميا ۽ ايم پي اي ۽ ايم اين اي مٿان داخل ڪيو وڃي ڇو ته هن واقعي جا اصل ذميوار اهي آهن جن کي بار بار اسين اطلاع ڪندا رهيا آهيو احتجاج ڪندا رهيا آهيون ته پل زبون بڻجي ويو آهي پل ڪنهن به وقت ڊهي سگهي ٿي ۽ ڪو سانحو جنم وٺندو پر انهن اسان جي نه ٻڌي ڄڻ اسان انسان ئي ناهيون اسان هنن آڏو رڍ ٻڪريون آهيون ووٽ وٺڻ لاءِ ته اهي چونڊيل نمائندا ساهڪندا اسان وٽ پڄندا آهن

ضلعي انتظاميا آگاهي باوجود ٽوٻا نه موڪليا

ڪنڌڪوٽ:واقعو صبح جو 7 وڳي ٿيو جنهن بعد مسلسل علائقي واسين ڳوٺاڻن ۽ ٻڏي ويل ٻارڙن جي وارثن ضلعي انتظاميا  کي آگاهه ڪيو پر سرڪاري سطح ۽ ضلعي انتظاميا طرفان ٽوٻا نه موڪليا ويا.8 ڪلاڪن تائين شاهي واه ڪينال ۾ وارث پنهنجي پيارن جا لاش پاڻمرادو شاهي واه ڪينال ۾ ڳوليندا رهيا پر نه مليا ۽ واقعي ٿيڻ جي 8 ڪلاڪن بعد ضلعي انتظاميا سجاڳ ٿي ۽ ٽوٻا موڪليا ويا.ضلعي انتظاميا جي اهڙي نااهلي ۽ سستي ڪرڻ تي شاهي واهه ڪينال تي موجود ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا جي غفلت تي سخت تنقيد ڪيو.

 

You might also like