اسلام آباد پوليس گروپ جو ڪيپٽن عاصم طارق عورت کي بچائيندي قتل

پاڪستان ايئر فورس (پي اي ايف) جو بهادر گروپ ڪيپٽن عاصم هڪ عورت کي بچائيندي شهيد ٿي ويو.

پوليس موجب گروپ ڪيپٽن عاصم نائينٿ ايونيو تان گذري رهيو هو، جتي هن ڏٺو ته هڪ موٽر سائيڪل سوار عورت جو هٿ زور سان ڇڪي رهيو هو.

پوليس موجب ذميوار شهري هجڻ جي ناتي هو واپس موٽي آيو ۽ موٽر سائيڪل ڀرسان گاڏي بيهاري، جنهن تي عورت ڊوڙي سندس گاڏي جي ٻئي پاسي اچي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جڏهن گروپ ڪيپٽن عاصم وٽ پهتي ته مبينا جوابدار سعد ساڻس بدتميزي ڪئي ۽ پوءِ فائرنگ ڪري ڇڏي، جنهن سبب گروپ ڪيپٽن عاصم سخت زخمي ٿيو ۽ زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو.

متاثر عورت پوليس کي ٻڌايو ته جوابدار سندس آفيس جو ساٿي هو، جنهن کيس گڏ وٺي وڃڻ جي آڇ ڪئي هئي، پر هن رستو بدلائي کيس ڪنهن ٻي هنڌ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هو مزاحمت ڪري رهي هئي. گروپ ڪيپٽن عاصم بروقت مداخلت ڪري سندس جان بچائي.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جوابدار سعد عباسي کي کنه ٿاڻي جي حدن مان گرفتار ڪيو ويو آهي. شهيد گروپ ڪيپٽن عاصم پٺيان بيواهه، هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ ڇڏي ويو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز اسلام آباد ۾ گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس وارثن سان همدردي ۽ تعزيت ڪئي.

You might also like