ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي اداڪار سلمان خان جو عامر خان بابت هڪ پراڻو مزاحيه تبصرو، عامر خان جي ٽين شادي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.
ان تبصري ۾ سلمان خان چيو هو ته ”مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان، جيستائين شادي کي مڪمل طور پرفيڪٽ نه بڻائيندو، تيستائين شاديون ڪندو رهندو“.
”ڪپل شرما شو“ دوران ميزبان ڪپل شرما سلمان خان کي چيو هو ته عامر خان پنهنجي گرل فرينڊ سان سڀني کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته توهان رڳو ڇهه مهينا ننڍا آهيو، پر هو ته رڪجڻ جو نالو نٿو وٺي ۽ توهان اڃا تائين شادي نٿا ڪريو.
ان تي سلمان خان مزاحيه انداز ۾ جواب ڏنو هو ته، ”ڏسو، عامر جي ڳالهه ئي الڳ آهي. هو بهترين شخصيت جو مالڪ آهي ۽ سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته هو پرفيڪشنسٽ آهي. جيستائين هو شادي کي مڪمل طور پرفيڪٽ نه ڪندو، تيستائين شاديون ڪندو رهندو“.
عامر خان جي تازي شادي کانپوءِ سلمان خان جو اهو پراڻو جملو ٻيهر سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي ۽ مداح ان کي دلچسپي سان شيئر ڪري رهيا آهن.
ياد رهي ته عامر خان آچر ڏينهن ممبئي جي علائقي باندره ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي هڪ سادي ۽ نجي تقريب ۾ گوري سپراٽ سان شادي ڪئي.