عامر خان گوري سپراٽ سان ٽئين شادي ڪري ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار عامر خان پنهنجي پراڻي ساٿي گوري سپراٽ سان هڪ نجي تقريب ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب شادي جي تقريب آچر ڏينهن ممبئي ۾ عامر خان جي رهائشگاهه تي سادگي سان ٿي، جتي ٻنهي اسپيشل ميريج ايڪٽ تحت پنهنجي شادي رجسٽر ڪرائي. تقريب ۾ رڳو ويجهن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.

رپورٽن موجب عامر خان جا ٻار جنيد، آئرا ۽ آزاد سميت ڪيترائي ويجها عزيز به تقريب ۾ موجود هئا.

عامر خان ۽ گوري سپراٽ هڪ ٻئي کي لڳ ڀڳ 25 سالن کان سڃاڻندا هئا، پر 2024ع ۾ ٻيهر رابطو ٿيڻ کانپوءِ سندن لاڳاپو وڌيڪ مضبوط ٿيو.

عامر خان مارچ 2025ع ۾ پنهنجي 60هين سالگرهه تي پهريون ڀيرو گوري کي پنهنجي گرل فرينڊ طور عوام سان متعارف ڪرايو هو.

هي عامر خان جي ٽين شادي آهي. ان کان اڳ هو رينا دتا ۽ پوءِ ڪرن رائو سان شادي ڪري چڪو آهي.

You might also like