آزاد ڪشمير اسيمبلي چونڊن 2026ع لاءِ اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب 45 تڪن تي 852 اميدوار چونڊ ميدان ۾ آهن. ڪوٽلي جي 6 تڪن تي 135 اميدوار قسمت آزمائيندا.
مظفرآباد جي 5 تڪن مان 126 اميدوار ميدان ۾ آهن. ڄمون ۽ ڪشمير جي مهاجرن لاءِ مخصوص 12 سيٽن تي 126 اميدوار مقابلي ۾ آهن.
24 رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آزاد اميدوارن کي به جلد چونڊ نشان جاري ڪيا ويندا.