ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي عوامي حقن جي آڙ ۾ تشدد لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
سرفراز بگٽي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي مختلف مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران هن بلوچستان بابت گمراهه ڪندڙ بيانين خلاف حقيقتن ۽ شاهدن جي بنياد تي خيالن جو اظهار ڪيو.
پڌرائي موجب بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته يوٿ اينگيجمينٽ پلان تحت صوبي جي مختلف علائقن ۾ نوجوانن لاءِ روزگار جا منصوبا جاري آهن.
هن چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي عوامي حقن جي آڙ ۾ تشدد لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته گوادر سميت هر ضلعي جي نوجوانن کي بهتر موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن.
سرفراز بگٽي وڌيڪ چيو ته ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ ۽ اسڪالرشپن لاءِ خاص فنڊ پڻ مختص ڪيا ويا آهن.