ايراني آرمي چيف ميجر جنرل امير حاتمي چيو آهي ته ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر شهيد آيت الله خامنه اي جي قتل جا ذميوار پنهنجي انجام کان بچي نه سگهندا ۽ سندن تعاقب ڪيو ويندو.
هن چيو ته شهيد سپريم ليڊر عزت، آزادي ۽ قومي وقار جو رستو چونڊيو، جنهن تي ايران جون هٿياربند فوجون مڪمل ثابت قدمي ۽ عزم سان هلنديون رهنديون.
جنرل امير حاتمي وڌيڪ چيو ته ايران جون هٿياربند فوجون سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبيٰ خامنه اي جي قيادت هيٺ بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجا فرض نڀائينديون رهنديون.