اوپيڪ پلس ۾ شامل ملڪن سعودي عرب، روس، عراق، ڪويت، قازقستان، الجزائر ۽ عمان جي وزيرن جي ورچوئل اجلاس ۾ تيل جي روزاني پيداوار ۾ هڪ لک 88 هزار بيرل واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
رپورٽن موجب پيداوار ۾ واڌ جو فيصلو ايندڙ مهيني کان لاڳو ٿيندو.
واضح رهي ته آمريڪا سان جنگ دوران ايران طرفان آبنائي هرمز بند ڪرڻ سبب تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي ڪرڻي پئي هئي.