يمن جي سامونڊي ڪناري ويجهو مال بردار جهاز تي حملي جو اطلاع

برطانوي سامونڊي اداري يو ڪي ايم ٽي او موجب يمن جي شهر حديده کان لڳ ڀڳ 30 سامونڊي ميل ڏکڻ اولهه پاسي هڪ مال بردار جهاز تي حملي جو اطلاع مليو آهي.

اداري موجب جهاز مان هنگامي الرٽ جاري ڪندي ٻڌايو ويو ته اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن طرفان حملو ڪيو پيو وڃي.

يو ڪي ايم ٽي او موجب لاڳاپيل اختيارين واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سڀني جهازن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ان علائقي مان گذرندي احتياط ڪن ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي بابت فوري اطلاع ڏين.

You might also like