تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني فوج چيو آهي ته جنگبندي دوران پنهنجي دفاعي ۽ جنگي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي ۽ دشمن جي ڪنهن به غلطي جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.
فوج جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل محمد اڪرمينيا چيو ته ايراني فوج هن وقفي کي دفاعي ۽ جنگي تيارين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان هڪ پل به نه وڃائينداسين ۽ نه ئي هن موقعي کي نظرانداز ڪنداسين.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن دشمنن ڪا غلطي ڪئي ته کين ايراني هٿياربند فوجن طرفان سخت ۽ فيصلائتي ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو.