ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو ) پوري سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن سان سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون غير آباد ۽ بنجر ٿي رهيون آهن پر سنڌ حڪومت ڪڏهن به سنڌ جي حقن لاءِ سنجيده نه رهي آهي، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ کپائي سنڌ تي ڌارين کي قابض ڪيو پيو وڃي، اهڙو اظهار جسقم چيئرمين (بشير خان قريشي گروپ) ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنهل ساريو ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌو درياهه تي پنجاب 42 غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب آباد زمينون غيرآباد ٿي ويون آھن، پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ ۽ سنڌين کي بک بدحالي جي طرف ڌڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت ڪنهن به سنڌ جي معاملي تي سنجيده ناهي رهي،چاهي سنڌ جا معدني وسيلا هجن، پاڻي جي کوٽ هجي، ياوري پريا ڪماري جي بازيابي هجي، سنڌ حڪومت لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ تحت کپائي ڇڏيون آهن، هن وفاقي حڪومت طرفان غيرقانوني افغاني کي واپس موڪلڻ واري فيصلي بابت چيو ته جسقم سدائين گو افغاني گو جا نعرا هنيا،پر تڏهن واپس نه موڪليا ويا پر هن وقت ٻيا صوبا افغانين کي ڪڍڻ لاءِ سنجيده آهن پر سنڌ حڪومت افغاني کي واپس روانو ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي، اسان 8 جولاءِ تي سجاول ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻي جي دعوت ڏيڻ لاءِ آيا آهيون ته سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪئنال اڏڻ پاڻي جي هٿراڌو کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو ويندو سڀ سنڌ واسي شامل ٿي ٻڌي جو ثبوت ڏين.پنجاب حڪومت پنهنجي حصي جو پاڻي وڪڻي چڪو آهي. پر هاڻي سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي جنهن سبب پوري سنڌ سميت لاڙ واري پٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي. اڄ به پاڻي جي شديد قلت سبب لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن پر وفاق حڪومت سنڌجي حقن تي ڌاڙو هڻي رهي آهي جيڪو اسان هرگز قبول نه ڪنداسين.