پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ جي پاڻي تي به ٻيٽن جيان سوديبازي ڪئي آهي: وسند ٿري

حيدرآباد/ ميرپور بٺورو/ جهمپير (پ ر/ نمائندا) پاڻي کوٽ، 28 آئيني ترميم عورتن ۽ ٻارڙن جي قتل خلاف سجاڳ ٻار تحريڪ جو جهمپير ۾ احتجاج، ٻين شهرن ۾ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ، 28هين ترميم، عورتن ۽ ٻارن جي اغوا ۽ قتل عام خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڳوٺ ربڏنو مالهيو ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مجاهد مالهيو جي ياد ۾ جلسي عام ڪيو ويو جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز، مرڪزي اڳواڻ ساگر پرهياڙ، عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي صدر عزيز ميمڻ، جنرل سيڪريٽري نواز ڏيٿو، مجاهد مالهيو جي فرزندن رسول بخش مالهيو، واجد علي مالهيو ۽ عيدو مالهيو، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر بلاول لاشاري، ضلعي سجاول جي صدر محمد ڏيٿو، ضلعي ٺٽي جي نائب صدر مٺا خان لاشاري، انور پالاري، امير بخش جت، امير حمزو جت، مجاهد مالهيو يادگار ڪميٽي جي صدر فقير ايوب مالهيو، تعلقي جاتي جي اڳواڻ گل مٺو مالهيو، عوامي تحريڪ تعلقي ميرپور بٺورو جي صدر مير ٽڳڙ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ حاجي قادر بخش زئور، سليمان شاهه، جمن شاهه، عوامي تحريڪ تعلقي سجاول جي صدر خالد سمون، حسين آزاد، رمضان ميمڻ، ضلعي اڳواڻ يعقوب ڪيڙانو، ڦلو پليجو، بچايو ڏيٿو، رزاق ٻائيتار، ايوب ٻائيتار، امن زئور، مختيار کاڙڪ، عثمان ٿهيم، علي احمد بڪڪ، اختر شيخ، مهراڻ ملاح، بابو ملاح، لطيف اياز ميمڻ، اشرف ميمڻ، نور محمد زئور، نعمت الله زئور ۽ ٻين شرڪت ڪئي، تقريب ۾ صحافين زاهد اسحاق سومرو، خالد جت، سنڌي ادبي سنگت شاخ جاتي جي سيڪريٽري عثمان ٿهيم، نثار سميجو، اشرف ملاح، يادگار ڪميٽي جي اڳواڻن نظير مڱڻهار، ڪارو لوڌو، حاجي کمون مالهيو، انور مالهيو، اڪبر پالاري، ابوبڪر پالاري سميت محمد عثمان مالهيو، عيسى پتڙ، عارب پتڙ، غلام علي مالهيو، ستار آٿيلو، بچل مالهيو، غلام مرتضيٰ مالهيو ۽ ٻين ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مجاهد مالهيو سڄي زندگي سنڌ جي هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. سندس سياسي، سماجي ۽ قومي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، اهڙن ڪردار وارا ماڻهو قومن جو سرمايو هوندا آهن، مجاهد مالهيو پنهنجي ساهه جي آخري گهڙين تائين فڪر رسول بخش پليجو سان سلهاڙيل رهيو، جنهن فڪر ۽ جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ جي پاڻي تي به ٻيٽن جيان سوديبازي ڪئي آهي، پيپلز پارٽي پنجاب کي ڀاشا ڊيم سميت نوان ڊيم ٺاهڻ جي ڇوٽ ڏئي سنڌ جو پاڻي مڪمل طور بند ڪرائي، سنڌ ۾ ڪربلا برپا ڪري به بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿي سنڌي قوم اهڙي سوديبازي کي رد ڪري ٿي، سنڌو درياهه جي حفاظت لاءِ جدوجهد جو دائرو وسيع ڪيو ويندو, سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان 28هين آئيني ترميم، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين، تعليم جي تباهي ۽ معصوم نياڻين پريا ڪماري، اجالا پروين سولنگي سميت گم ٿيل سمورن ٻارڙن جي بازيابي لا# جهمپير چوڪ کان جهمپير شهر تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر سرمد خاصخيلي، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فاضل بلاول لاشاري، سوشل ميڊيا سيڪريٽري شاڪر بلوچ، مرڪزي آفيس سيڪريٽري پڙٿوي راج، ضلعي صدر مالڪ چانڊيو،جنرل سيڪريٽري شاهد چانگ ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، جنهن احتجاج ۾ سون جي انگ ۾ ٻارڙن شرڪت ڪئي، پريا ڪماري ۽ اجالا پروين سولنگي کي بازياب ڪريو ، ڪارو ڪاري جو دستور نا منظور ، ڪراچي ڪنهن جي سنڌين جي ، تعليم تي ڌاڙو بند ڪريو جا نعرا هنيا ويا، احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ، فصل سُڪي رهيا آهن پاڻي جي کوٽ سبب غربت، بيروزگاري ۽ هارين جي معاشي تباهي ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ 28هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش سان گڏوگڏ جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن جي اغوا، قتل ۽ زيادتين جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. پريا ڪماري ۽ اجالا سولنگي سميت گم ٿيل ٻارڙن کي فوري بازياب ڪرايو وڃي ۽ جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال انتهائي  خراب آهي، 80 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته 20 لک کان وڌيڪ ٻار غربت سبب جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن. سرڪاري اسڪولن جي نجڪاري هارين مزدورن ۽ پورهيتن جي ٻارڙن کان تعليم کسڻ جي سازش آهي، استادن ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب هزارين ٻار تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن، صحت کاتي جي نااهلي سبب ارڙي، پوليو، غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي معصوم ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سرڪاري اسپتالون سهولتن جي کوٽ ۽ ڪرپشن سبب عوام لاءِ عذاب گهر بڻجي ويون آهن، سنڌ کي پنهنجي آئيني حصي جو پاڻي فوري فراهم ڪيو وڃي، تڪراري ڪئنال بند ڪيا وڃن، ۽ ٻارڙن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، پريا ڪماري ۽ اجالا پروين سولنگي سميت ٻين گم ٿيل ٻارڙن کي بازياب ڪرايو وڃي، اسڪولن نجڪاري روڪي وڃي، تعليم کاتي مان ڪرپشن ختم ڪري سنڌ جي ٻارڙن جي مستقبل کي محفوظ بڻايو وڃي، ٻئي طرف رسول بخش پليجي جي مزار تي لڳل پينافليڪس ڦاڙڻ ۽ جلسي گاهه تي قبضي خلاف سنڌ جي وڪيل برادري سخت ردعمل ظاهر ڪندي مختلف بار ايسوسيئيشنن پاران مذمتي قراردادون منظور ڪرڻ جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رکيو، ان سلسلي ۾ ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، ميرپورخاص هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ٺٽو، سجاول، قمبر شهدادڪوٽ، ميرپورخاص، بدين ۽ تعلقه بار ايسوسيئيشن ميهڙ پاران ڌار ڌار مذمتي قراردادون منظور ڪيون ويون، قراردادن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته رسول بخش پليجي جي مزار ۽ ڀرپاسي واري عوامي اجتماع واري هنڌ تان غيرقانوني قبضو فوري طور ختم ڪرايو وڃي، قبضاگيرن کي بي دخل ڪري قبضو خالي ڪيو وڃي، سياسي انتقام ۽ قانون جي بالادستي کي ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش جي سخت مذمت ڪجي ٿي. بار ايسوسيئيشنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غيرقانوني عملن، تشدد ۽ هراسان ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ترت، شفاف ۽ غيرجانبدار ڪارروائي ڪئي وڃي، قراردادن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي سمورو عمل سنڌ حڪومت ۽ رياستي مشينري جي سرپرستي هيٺ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته لاڳاپيل سرڪاري عملدار خاموش تماشائي بڻيل آهن، قانون ۽ امن امان قائم رکڻ بدران پوليس قبضاگيرن جي ساٿاري جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيئن ته قانون موجب انهن خلاف فوري ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، قراردادن ۾ چيو ويو ته سنڌ ۽ پاڪستان جي قانوني برادري ان حقيقت جي شاهد آهي ته رسول بخش پليجي پنهنجي سموري زندگي عوامي حقن، جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ انصاف لاءِ وقف ڪئي. اسان هن ڌرتيءَ جا فرزند هجڻ جي حيثيت سان، سمجهون ٿا ته سندس مزار ۽ ان سان لاڳاپيل عوامي اجتماع واري هنڌ تي حاضر سروس پوليس اهلڪارن ۽ هٿياربند قوتن ذريعي غيرقانوني قبضو انتهائي افسوسناڪ، قابلِ مذمت ۽ قانون جي بالادستي جي سراسر خلاف عمل آهي.

You might also like