ڪراچي(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرز فورم پاران پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر (پي اي سي سي) ڪراچي ۾ "موسمياتي تبديلي: ان جا اثر ۽ چئلينج” جي عنوان سان سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ماحوليات جي ماهرن، دانشورن، صحافين، وڪيلن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن سميت مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وائيس چيئرمين سيد زين شاهه چيو ته پاڪستان هن وقت معاشي ۽ موسمياتي بحران کي هڪ ئي وقت منهن ڏئي رهيو آهي، پر حڪمرانن جي ترجيحن ۾ ماحوليات جو تحفظ شامل ناهي. هن چيو ته حڪمران عوامي مسئلن بدران ذاتي ۽ سياسي مفادن کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته موسمياتي تبديلي جهڙي سنگين قومي مسئلي کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ رڳو 7 سيڪڙو واڌ ڪئي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح لڳ ڀڳ 11.5 سيڪڙو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت عوام کي حقيقي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جا مالي وسيلا سنڌ جي عوام جي ڀلائي، بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ عوامي ضرورتن تي خرچ ڪيا وڃن. خاص طور تي ڪراچي جي K-4 پاڻي فراهمي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ نيڪال آب، سيوريج ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه جي قدرتي وهڪري ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون ته سنڌ ڊيلٽا، سامونڊي پٽي، زراعت، مڇي مارڻ، تمر جا ٻيلا ۽ لکين ماڻهن جو روزگار سخت متاثر ٿيندو. هن زور ڀريو ته موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري، سنجيده ۽ سائنسي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. سيمينار جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن متفقه طور 15 نڪاتي ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، سامونڊي اڳڀرائي، ٻيلن جي تباهي، صنعتي ۽ شهري گدلاڻ، غير منصوبابند شهري واڌ، زرعي زمينن جي زوال ۽ حياتياتي تنوع جي خاتمي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي ٻيلن تان قبضا ختم ڪيا وڃن، غيرقانوني وڻڪاري روڪي وڃي، وڏي پيماني تي وڻ لڳايا وڃن، 1991ع واري پاڻي معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجو آئيني حصو ڏنو وڃي، سنڌ ڊيلٽا تائين ماحولياتي وهڪرو يقيني بڻايو وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ واري نظام ۾ مڪمل شفافيت آندي وڃي. ٺهراءَ ۾ ڪراچي جي K-4 منصوبي جي تڪميل، جديد واٽر مينيجمينٽ، برساتي پاڻي جي ذخيرن، برقي ٽرانسپورٽ، فضائي آلودگي ۾ گهٽتائي، جديد نيڪال آب جي نظام، لياري ۽ ملير ندين جي بحالي، شهري ٻوڏ کان بچاءَ، ساحلي علائقن جي تحفظ، مينگرووز جي بحالي، قابلِ تجديد توانائي جي واڌاري، ماحولياتي اثرن جي جائزي کانسواءِ ترقياتي منصوبن جي منظوري تي پابندي، ماحولياتي تعليم کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ ۽ سنڌ لاءِ جامع ڪلائميٽ ريزيلينس پاليسي جوڙي وڃڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. سيمينار کي ماحوليات جي ماهرن ناصر پنھور، زين دائود پوٽو، سيمي ڪمال، رمضان برڙو، ڊاڪٽر يونس آرائين ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. مقررن چيو ته موسمياتي تبديلي هاڻي مستقبل جو نه پر موجوده دور جو سڀ کان وڏو انساني، معاشي ۽ ماحولياتي چئلينج بڻجي چڪي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، سياسي جماعتن، ماهرن ۽ سول سوسائٽي کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.