ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سون جي اگهن ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 12 هزار 200 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 40 هزار 936 رپين تي پهچي وئي آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 10 گرام سون 10 هزار 459 رپيا واڌ بعد 3 لک 78 هزار 31 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جتي سون 122 ڊالرن اضافي سان 4185 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ملڪ ۾ في تولو سون 9 هزار 100 رپيا مهانگو ٿيو هو.