اسلام آباد (بيورو) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته اڊيالا جيل ۾ کيس 24، 24 ڪلاڪ اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو، جيل ۾ انسان تي ڇا گذرندي آهي، اهو صرف اهو ئي ڄاڻي سگهي ٿو جيڪو اها تڪليف ڀوڳي هجي هن اهڙو اظهار جيل سڌارن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي، چئني صوبن جا وڏا وزير مريم نواز، سهيل آفريدي، مراد علي شاهه ۽ سرفراز بگٽي ۽ ٻيا ڪانفرنس ۾ موجود هئا. چيف جسٽس چئني وڏن وزيرن سان گڏ سهولت مرڪز جو دورو ڪيو. پنهنجي خطاب کان اڳ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پنجاب ۾ جيل سڌارن تي هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري. مريم نواز چيو ته مون جيل ۾ سڌارا ڪيا آهن ۽ اهي سڌارا جيڪي مون پاڻ جيل ۾ ڏٺا آهن، مان هن فورم تي هتي ڪنهن به سياسي ڳالهه تي ڳالهائڻ نٿي چاهيان، صرف اهي ماڻهو ڄاڻن ٿا جيڪي جيل ۾ ان مان گذريا آهن. پنجاب جي جيلن ۾ سڀني قيدين لاءِ وڊيو لنڪ جي سهولت موجود آهي. جيل ۾ منهنجا ساٿي ڪتاب ۽ نمازجو مصلو هئا. جيل ۾ جيڪي ڏٺو ان جي بنياد تي، پنجاب جي جيلن کي جديد بڻايو ويو ۽ جيلن ۾ نوان جديد سڌارا متعارف ڪرايا ويا. مريم نواز چيو ته جيل ۾ هر قيدي جي پنهنجي ڪهاڻي آهي. جيل ۾ شگر گهٽ ٿيڻ سبب سخت تڪليف ٿي، مدد لاءِ ڪو به نه آيو، هٿ مان ڳڙ جي بوتل ڪري پئي، پوءِ زمين تان ڳڙ کڻي کاڌو، جنهن ۾ شيشي جا ٽڪرا به شامل هئا. جيل ۾ منهنجون دانهون ڪنهن به نه ٻڌيون. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته جيل ۾ ڪا به پرائيويسي نه هئي، واش روم جيل روم جي هڪ پاسي هو ۽ ٻيو پاسو سمهڻ لاءِ هو، جيل روم ۾ ڪا به وٿي نه هئي، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته نماز جو مصلو ڪٿي رکجي، اهو ئي سبب آهي جو قيدين لاءِ سڌارا متعارف ڪرايا ويا. جنهن سيل ۾ مون کي رکيو ويو هو اهو ننڍڙن ٻارن لاءِ هڪ سيل جي ڀرسان هو، سيل مان هر روز ٻارن جي رڙيون ڪرڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.