اسحاق ڊار جي ڏوهٽي تي اغوا، ڀُنگ ۽ زيادتي جو ڪيس داخل

لاهور(عمران شفقت )نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ڏوهٽي جي خلاف ٻن پرڏيهي عورتن جي اغوا،زيادتي ۽ ڦر جو ڪيس  داخل ڪيو ويو آهي،هالينڊ ۽ وينزويلا سان تعلق رکندڙ ٻئي عورتون آڪٽوبر 2025 ۾ سنگاپور ۾ رضا ڊار (اسحاق ڊار جي ڏوهٽي) سان مليون. رضا ڊار نوجوان ڇوڪرو آهي. اڃا تائين پاڪستان جي قومي ميڊيا تي، اي آر واءِ نيوز کانسواءِ  ڪنهن به اسحاق ڊار جو نالو ناهي ورتو.،ايف آءِ آر ۾ هڪ عورت اسٽيفني ايڊانا مائو آرون ۽ ٻي مس آسٽرڊ رابنسن براچو آهي،انهن چيو ته ته اسان ٻئي رضا ڊار جي چوڻ  تي 29 جون تي پاڪستان آيوسين. سندن ويزا جو بندوبست ۽ سڀ سهولتون هن ئي ڪيون. ايف آئي آر مطابق رضا ڊار ۽ سندس هڪ "باس” جي ڄار ۾ ڦاسي ويوسين. کين لاهور جي ڊفينس سي ٿاڻي جي ايريا ۾ ڪنهن گهر ۾ کڻي ويا. اتي غير فطري فعل ڪيو ويو چار ماڻهن زيادتي ڪئي، پر ان ۾ رضا ڊار جو نالو پئسن، اغوا ۽ ڀنگ واري معاملي ۾ وڌيڪ آهي ته "جيڪڏهن زنده وڃڻو اٿو ته پئسا ڏيو”.ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسحاق ڊار جي ڏوهٽي کي پئسن جي ڪهڙي ضرورت هوندي؟ اسان پوليس جي ذريعن سان رابطو ڪيو ته معلوم ٿيو ته معاملو پارٽي جو هو. اهي امير ماڻهن جا ٻار آهن، غير ملڪي عورتن کي پارٽين ۾ گهرائيندا آهن. اتي پئسن جي ڏي وٺ تان ڪا تلخ ڪلامي ٿي ته "توهان پارٽي ۾ اچڻ جا اتي پئسا طئي ڪيا هئا”. ان تي جهيڙو ٿيو ۽ پوليس ذريعن مطابق، اتي مارڪٽ ٿي ۽ زيادتي به ٿي،.پوليس مطابق عورتن جو بيان قلمبند ڪيو ويو آهي. ايف آئي آر مطابق ٽي عورتون هيون، هن وقت پوليس رضا ڊار جي گرفتاري بابت ڳالهائڻ کان پاسو ڪري رهي آهي ڇو ته معاملو تمام هائي پروفائل آهي،ان کان اڳ جڏهن اهي عورتون روئيندي پٽيندي  ٿاڻي تي ويون ته ايس ايڇ اوفرياد اعواڻ ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،متاثر عورت هالينڊ ۾ پنهنجي والد سان رابطو ڪيو. جڏهن سفارتخاني تائين ڳالهه پهتي ته اها رڳو پرڏيهي وزارت تائين محدود نه رهي، ڇو ته سفارتخانو رڳو پرڏيهي وزارت سان نه پر گهرو وزارت ۽ ملٽري اتاشي يا انٽيليجنس ذريعن سان به ڪوآرڊينيشن ۾ هوندو آهي. هي معاملو حساس ادارن تائين پهتو. جڏهن ڳالهه مٿي پهتي ته مريم نواز ۽ ڊي آئي جي آپريشنز فيصل ڪامران کي چيو ويو ته "خدا جو خوف ڪريو، ڪيس داخل ٿيڻ ڏيو”. ان کانپوءِ فيصل ڪامران ايس ايڇ او فرياد اعواڻ کي معطل ڪيو ۽ ڪيس داخل ٿيو. هاڻي کڻي مريم نواز جي دور جو ڪريڊٽ ورتو وڃي ته "ڏسو مريم جي دور ۾ پنهنجي مائٽن تي به ڪيس ٿين ٿا”، پر حقيقت اها آهي ته ڏنڊي جي زور تي داخل ڪرايو ويو آهي. شريف خاندان ۽ وفاقي حڪومت آخري وقت تائين کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچائي نه سگهيا. اڳتي ڇا ٿيندو، اهو پاڪستان آهي، ڪجهه چئي نٿو سگهجي

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 03 جولاءِ 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like