جيل سڌارا آڻي قيدين کي حق ڏنا وڃن: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته انصاف جي نظام ۾ قيدين جي حقن کي بنيادي اهميت حاصل آهي، جڏهن ته جيلن جون حالتون بهتر بڻائڻ آئيني طور صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جيل سڌارن بابت قومي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ چئن ئي صوبن جي وڏن وزيرن، اسلام آباد، لاهور، پشاور، بلوچستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسن، وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس، پوليس ۽ جيل کاتي جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته انصاف جي نظام ۾ قيدين جي حقن جو تحفظ بنيادي حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته جيلن ۾ صحت جون سهولتون ۽ صاف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لازمي آهي.هن چيو ته التوا هيٺ ڪيسن کي اڪلائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته جيلن جي حالتن کي بهتر بڻائڻ آئيني ذميواري طور صوبائي حڪومتن تي لاڳو ٿئي ٿي. سندس چوڻ هو ته انصاف جي نظام ۾ حقيقي سڌارو رڳو عدالتي فيصلن سان نه، پر انهن تي مؤثر عملدرآمد سان ايندو.چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته انصاف جي نظام ۾ احتساب کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ڇو ته فوجداري انصاف جو نظام هر سماج لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو.هن ٻڌايو ته جيلن جي خراب حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ صوبائي سطح تي ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هن قومي ڪانفرنس ۾ ملڪ جي سڀني صوبن جي نمائندگي پڻ موجود هئي.هن چيو ته جڏهن مون ڊي آءِ خان جيل جي دوري دوران هڪ قيدي کان پڇيو ته ڇا توکي پاڻي، کاڌي ۽ صحت جون سهولتون ملي رهيون آهن؟ ته هن جواب ڏنو، مون کي پاڻي، کاڌو يا صحت جون سهولتون نه گهرجن، پر منهنجي اپيل 2017ع کان التوا ۾ پيل آهي، مهرباني ڪري ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي،هن چيو ته اسان 30 جون 2026 تائين 606  موت جي سزا جي خلاف اپيلن  جو فيصلو ڪري چڪا آهيون. اسان کي سسٽم جي سڀني سرڪاري ادارن جي تيزي، اڳڀرائي ۽ مقصد کي ڏسڻو پوندو. هي ڪم جيڪو مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ اعتماد جي بحاليءَ لاءِ ضروري آهي، ان ۾ اعتمادي عمل جي ضرورت آهي. مان توهان مان هر هڪ کي يقين ڏياريان ٿو ته توهان کي به اختيار ملندو، ان بابت ڪو شڪ ناهي.

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ جي ميزباني ۾ جيل سڌارا ڪانفرنس جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جيلن جي انتظام،وسيلن جي فراهمي،سڌارن جي بنيادي ذميواري صوبائي حڪومتن تي اچي ٿي،قيدين جي حفظان صحت،غذائيت ۽ صحت لاءِ قدم اڻٽر آهن،پڌرائي موجب قيدين جيبحالي،تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جا ناڪافي موقعا آهن،تسليم ڪريون ٿا اهي چئلينج نه رڳو جيل جي انتظام بلڪه انصاف تائين پهچ کي به متاثر ڪن ٿا،اهي چئلينج عوامي تحفظ،انساني وقار ۽ قانون جي حڪمراني کي به متاثر ڪن ٿا،پاڪستان جي جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدي آهن،گنجائش کان وڌيڪ قيدين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم اڻٽر آهن،قيدين لاءِ ناڪافي بنيادي ڍانچو،صحت جي سارسنڀال ۽ ذهني صحت جي خدمتن تائين محدود پهچ آهي،غيرضروري قيد گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا،قيدين لاءِ شڪايتن جي ازالي،تشدد،بدسلوڪي ۽ غفلت خلاف تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ قدم اڻٽر آهن،

You might also like