ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ واري پائلٽ منصوبي ”آءِ ورڪ فار سنڌ“ کي باظابطا هڪ مستقل سرڪاري پروگرام بڻائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيل کاتي جي اجلاس ۾ هن منصوبي کي وڌيڪ جديد ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو.
اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته هي ڊجيٽل پليٽ فارم نوجوانن ۽ ادارن وچ ۾ هڪ اثرائتي رابطي جو ذريعو بڻجي چڪو آهي.
هن پليٽ فارم تي هينئر تائين 48 لک کان وڌيڪ ماڻهو وزٽ ڪري چڪا آهن، هڪ لک 13 هزار اميدوار هن پورٽل تي رجسٽر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 670 ڪمپنيون به شامل آهن، هن وقت 11 هزار 100 ملازمتون فعال آهن، جڏهن ته ڪُل 20 هزار 800 ملازمتون پوسٽ ڪيون ويون آهن ۽ هينئر تائين 4 لک 19 هزار کان وڌيڪ ملازمت جون درخواستون جمع ٿي چڪيون آهن.
پورٽل تي پاڻمرادو طريقي سان سي وي ٺاهڻ جي سهولت موجود آهي، ان کان کانسواءِ ”لرن اينڊ ارن“ وارو فيچر پڻ شامل آهي، جنهن ذريعي نوجوان سکڻ سان گڏ ڪمائي به سگهن ٿا.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جلد ئي پورٽل تي صنعتي ماهرن طرفان لائيٽ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي سهولت پڻ فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان نوجوانن کي پنهنجي مستقبل جي حوالي سان سڌي رهنمائي ملندي.
صوبائي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته پروگرام جي ڪاميابي لاءِ گڏيل سهڪار سان ڪم ڪن.
You might also like