تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل شهيد آيت الله علي خامنه اي جي خون جو پلان وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ايراني ميڊيا سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محمد باقر ذوالقدر جي صحيح سان ايڪس تي جاري ڪيل هڪ پيغام جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آيت الله علي خامنه کي شهيد ڪندڙن کان پلاند ضرور ورتو ويندو.
ياد رهي ته اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي 28 فيبروري تي ايران مٿان آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي جي پهرئين ڏينهن شهيد ٿي ويو هو.
ان حملي ۾ سندس ڪٽڻب جي ڪجهه ڀاتين سميت ايران جا ڪيترائي اهم اڳواڻ پڻ شهيد ٿي ويا هئا.
ميڊيا رپورٽن موجب، علي خامنه اي جي تدفين جون تقريبون 4 کان 8 جولاءِ تائين تهران، قُم۽ مشهد ۾ ٿينديون، جڏهن ته عراق جي شهرن بغداد، ڪاظمين، ڪربلا ۽ نجف ۾ پڻ سوڳ واريون تقريبون ٿينديون.
•
You might also like