ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل لاٿ کانپوءِ اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 9 هزار 100 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 28 هزار 736 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 10 گرام سون به 7 هزار 802 رپيا واڌ بعد 10 گرام سون 3 لک 67 هزار 572 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 91 ڊالر اضافي سان 4063 ڊالر جو ٿي ويو آهي.