اسلام آباد: شهيد بينظير ڀٽو جي ويجهي ساٿي ناهيد عباسي جي رهائشگاهه سيل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويجهي ساٿي ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي جي گهرواري ناهيد عباسي جي رهائشگاهه کي ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) انتظاميا طرفان سيل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، سي ڊي اي ناهيد عباسي کي گهر فوري طور خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، جڏهن ته گهر ٻاهران پوليس ۽ سي ڊي اي جا اهلڪار وڏي انگ ۾ مقرر آهن، جيڪي عمارت ڊاهڻ جي ڪارروائي لاءِ تيار بيٺل آهن.
ٻئي پاسي ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناهيد عباسي هن وقت به گهر جي اندر موجود آهن، جڏهن ته انتظاميا طرفان گهر ٻاهران سيل ڪرڻ جو بورڊ پڻ لڳايو ويو آهي.

You might also like