سياسي ڇڪتاڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم بنگلاديش جي دورو ڪندي؟ بي سي بي اشارو ڏئي ڇڏيو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو وائيٽ بال سيريز لاءِ بنگلاديش جو دورو ڪرڻ جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) 2026 ۽ 2027 جي هوم انٽرنيشنل سيريز، جن ۾ ڀارت خلاف سيريز جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو آهي، ان لاءِ ٽي وي ۽ ڊجيٽل ميڊيا رائٽس جي وڪرو لاءِ آڇون طلب ڪري ورتيون آهن.
واضح رهي ته ڀارت جو بنگلاديش جو دورو گذريل سال ٿيڻو هو، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب ان کي ملتوي ڪيو ويو هو. رپورٽن موجب، ڄاڻايل دوري ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ون ڊي ۽ ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻ جو امڪان آهي.
ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز طرفان هن وقت تائين ڪو به باظابطا ردعمل سامهون نه آيو آهي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جن سيريز جي نشرياتي حقن جي وڪري لاءِ آڇون طلب ڪيون آهن، انهن ۾ 2027 ۾ پاڪستان خلاف شيڊول 5 ون ڊي ميچن جي هوم سيريز پڻ شامل آهي.

You might also like