ننڊ، شگر کان به بچائي ٿي؟ صحيح سُمهڻ جا وڏا فائدا

جيڪڏهن توهان هاءِ بلڊ شوگر ۽ ٽائپ 2 ذيابيطس جهڙين دائمي بيمارين کان محفوظ رهڻ چاهيو ٿا ته سٺي ننڊ کي پنهنجي روزاني عادت بڻايو.

اها ڳالهه ڊينمارڪ ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ڪوپن هيگن يونيورسٽي جي تحقيق موجب، جيڪڏهن نوجوان هر رات 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جي عادت اختيار ڪن ته ايندڙ ڏينهن انهن جي رت ۾ شگر جي سطح وڌيڪ وقت تائين مستحڪم رهي ٿي.

تحقيق موجب، ممڪن آهي ته ننڊ ذيابيطس جهڙين بيمارين جي ظاهر ٿيڻ کان ڪيترائي سال اڳ ئي جسم جي ميٽابولزم جي صحت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

هن تحقيق ۾ 18 ورهين جي عمر وارن 206 نوجوانن کي شامل ڪيو ويو، جن جي روزاني معمولن، خاص طور ننڊ جو ٻن هفتن تائين جائزو ورتو ويو.

انهن نوجوانن جي جسماني سرگرمين ۽ ننڊ بابت انگ اکر ايڪٽيوٽي ٽريڪرن ذريعي گڏ ڪيا ويا، جڏهن ته گلوڪوز سينسرن ذريعي رت ۾ شگر جي سطح تي لڳاتار نظر رکي وئي.

نتيجن مان خبر پئي ته جيتري ڊگهي ننڊ ٿيندي، اوترو رت ۾ شگر جي سطح ۾ گهٽ وڌ گهٽ ٿيندو.

واضح رهي ته جيڪڏهن رت ۾ شگر جي سطح تمام تيزيءَ سان گهٽجي يا وڌي وڃي ته ان سان جسم ۾ سوڄ وڌي ٿي ۽ ميٽابولزم دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جنهن سبب وقت سان گڏ موهپا ۽ ٽائپ 2 ذيابيطس جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

ننڊ ۽ ميٽابولڪ بيمارين جي وچ ۾ لاڳاپو اڳ به سامهون اچي چڪو آهي، پر گهڻيون تحقيقون وچولي عمر وارن ماڻهن تي ڪيون ويون هيون.

محققن جو چوڻ هو ته گهڻا نوجوان سمجهن ٿا ته ذيابيطس رڳو وچولي عمر وارن ماڻهن جي بيماري آهي، پر اهي اهو نٿا ڄاڻن ته نوجواني ۾ به رت ۾ شگر جي سطح وڌي سگهي ٿي.

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ڏٺو آهي ته رات جي ننڊ جو مدو جيترو وڌيڪ هوندو، ايندڙ ڏينهن رت ۾ شگر جي سطح اوتري ئي وڌيڪ وقت تائين مستحڪم رهندي.

تحقيق ۾ اها به خبر پئي ته ڊگهي ننڊ کانپوءِ صبح جي وقت رت ۾ شگر جي سطح معمولي طور ڪجهه وڌيڪ هوندي آهي.

محققن موجب دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو به حقيقت ۾ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ ته ڏينهن جي شروعات ۾ رت ۾ شگر جي سطح جو معمولي واڌارو مٺي شيءِ کائڻ جي خواهش کي گهٽائي ٿو ۽ گڏيل طور سڄي ڏينهن شگر جي سطح برقرار رهندي آهي.

هنن ٻڌايو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جسم سڄي ڏينهن جي سرگرمين لاءِ تيار هوندو آهي.

محققن اهو به مڃيو ته هن تحقيق مان اهو طئي نه ٿي سگهيو ته ننڊ ۽ رت ۾ شگر جي سطح جي وچ ۾ ڪهڙو حياتياتي نظام يا عمل ڪم ڪري ٿو.

پر سندن چوڻ هو ته اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته سٺي ننڊ صحت لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ ان جي اهميت رڳو دماغ تائين محدود ناهي، پر سڄي جسماني صحت لاءِ به تمام گهڻي آهي.

هن تحقيق جا نتيجا طبي جرنل سليپ ۾ ڇپيا ويا آهن.

You might also like