لاهور (ويب ڊيسڪ) وزير اعليٰ مريم نواز پنجاب جي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو 3 سالن ۾ 50 هزار ٽريڪٽر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
صوبائي زراعت کاتي جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته آبادگارن کي حقيقي معنيٰ ۾ خودمختيار بڻائي ڇڏيو آهي، ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت هارين کي ايتري وڏي انگ ۾ ٽريڪٽر فراهم نه ڪيا هئا.
اجلاس ۾ هاري ڪارڊ ۽ زرعي مشينري (مڪئنائيزيشن) جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هارين کي هن وقت تائين 360 ارب رپين جا بنا وياج قرض جاري ڪيا ويا آهن،
هاري ڪارڊ تحت ڏنل قرضن جي ريڪوري جي شرح 99 سيڪڙو رهي آهي.
جاري ڪيل قرضن جو 80 سيڪڙو حصو هارين ٻج ۽ ڀاڻ جي خريداري لاءِ استعمال ڪيو، جڏهن ته گذريل سوا ٻن سالن کان ڀاڻ جي اگهن تي ڪنترول آهي.
ٻئي پاسي، پگهارن ۾ ڪٽوتي ۽ عيد بونس نه ملڻ تي لاهور ۾ ”سٿرا پنجاب اٿارٽي“ جي ملازمن مختلف هنڌن تي احتجاج ڪيو.
گجو مته وٽ ملازمن ڪم ڇڏي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڪچرو کڻندڙ رڪشا به بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته واهگا واري علائقي ۾ به رستن تي احتجاج ڪيو ويو.
ملازمن جو چوڻ آهي ته بونس جو واعدو ڪري پگهار سان گڏ بونس نه ڏنو ويو، هنن عيد تي سخت گرميءَ ۾ 24-24 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪئي، شهر جي صفائي لاءِ گرميءَ جي به پرواهه نه ڪئي، جيڪڏهن پگهارن جي ڪٽوتي ختم نه ٿي ۽ بونس نه مليو ته احتجاج جاري رهندو.
پراجيڪٽ مئنيجر جو چوڻ آهي ته ملازمن کي گذريل ڏينهن پگهارون ڏنيون ويون هيون، بجيٽ جي مسئلي سبب پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ٿي هئي.