گوگل طرفان هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي ( اَي آءِ) تي ٻڌل فيچرز کي مختلف سروسز جو حصو بڻايو پيو وڃي.
هاڻ ڪمپني پاران جي ميل ۾ هڪ نئون اي آءِ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
”جي ميل لائيوو“نالي هي فيچر في الحال محدود واهپيدار لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
9 ٽو 5 گوگل جي رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائيسز ۾ ”جي ميل لائيوو“ فيچر کي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
هن فيچر وسيلي توهان جي ميل جي اي ميل ان باڪس ۾ رڳو پنهنجي آواز ذريعي سرچ ڪري سگهندا.
هي گوگل پاران ”جيمناءِ لائيوو“جهڙو فيچر آهي، جنهن ۾ ”جيمناءِ“ اي آءِ چيٽ بوٽ سان لائيوو وائس چيٽ ڪئي ويندي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايندڙ مهينن ۾ هي فيچر جي ميل سان گڏوگڏ گوگل ڊاڪس ۽ ڊرائيو ۾ به دستياب هوندو.
”جي ميل لائيوو“ واهپيدار لاءِ نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو ۽ کين ٽائپ ڪري سرچ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، جڏهن به هي فيچر دستياب هوندو ته جي ميل سرچ تي ڪلڪ ڪرڻ تي لائيوو آئڪن نظر ايندو، جنهن سان گڏ ”جيمناءِ“ بٽڻ به هوندو.
ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان ”جي ميل لائيو“ فيچر فل اسڪرين تي لانچ ٿيندو.
هن فيچر ۾ توهان جيمناءِ کي اي ميلز جو مواد ڳولڻ جي هدايت ڪري سگهو ٿا.
جيمناءِ تي ٻڌل هن فيچر جو اعلان گوگل مئي 2026ع ۾ سالياني ڊيولپر ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيو هو ۽ هاڻ ان کي هوريان هوريان متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي.
اهو ياد رهي ته جڏهن به هن فيچر کي مڪمل طور تي متعارف ڪرايو ويندو ته شروعات ۾ هي رڳو ”گوگل اي آءِ پرو“ ۽ ”الٽرا“ سبسڪرائبرز کي ئي دستياب هوندو.