ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18هين ترميم تحت صوبن کي اختيار حاصل ٿيا آهن، جيڪڏهن ڪوآرڊينيشن لاءِ وفاقي ادارو ٺهي ٿو ته اسان کي اعتراض ناهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته آئين موجب ايگزيڪيوٽو پاور صوبن وٽ رهندا، انٽيليجنس کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نوان ادارا ٺاهيا آهن.
هن چيو ته وفاق سان گڏ صوبا به انٽيليجنس ادارا ٺاهي رهيا آهن، سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جي مذمت ڪريان ٿو.
سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته وفاق اسان کي ونڊ ۽ سولر پاور پلانٽ لڳائڻ نه ٿو ڏئي، اِهو طريقو سمجهه کان ٻاهر آهي.
وفاق ونڊ ۽ سولر پاور پلانٽ لڳائڻ نه ٿو ڏئي، سنڌ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جي مذمت ڪيان ٿو: وڏو وزير
You might also like